جارج گورڊن بائرن
From Wikipedia, the free encyclopedia
مشهور رومانوي شاعر -بائرن- جو -جنم- 1788ع ۾ ٿيو. -بائرن- جو پورو نالو جارج گورڊن نوئل -بائرن- (Gerorge Gordon Noel Byron) -بائرن- (1788-1824ع)، -انگريزي- ادب جي رومانوي دور جو مشهور شاعر، پنهنجي بي راهه رويءَ ۽ جذباتي شاعريءَ ۾ رومانيت جو مثال هو. -بائرن- پيدائشي منڊو هو ۽ چئن ورهين جي عمر ۾ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويو. هيءُ جوانيءَ ۾ ايڏو ته خوبصورت هو، جو هر عورت جو ڏانهنس ڌيان ضرور ويندو هو. هن ازابيلا مل بينڪ سان 16-1815ع ڌاري شادي ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي، -ان- کانپوءِ يورپ هليو ويو. هو هڪ رئيس زادو هو. ’هيرو‘ ۽ ’ڪئمبرج‘ ۾ -تعليم- حاصل ڪيائين. نقادن جو چوڻ آهي ته سندس گهرو ماحول صحيح نه هئڻ ڪري سندس شخصيت جي صحيح -اوسر- ٿي نه سگهي، پر اڳتي هلي هو House of lords جو رڪن ٿيو، هو فرانس جي -انقلاب- کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو هن هر عقيدي ۽ هر قدر کي خراب ڪوٺيو. انگريزي شاعريءَ ۾ هو رومانيت پسنديءَ جو نمائندو آهي، رومانيت کي جيڪڏهن بيماري سمجهيو وڃي ته هو -ان- بيماريءَ جو پهريون شڪار چئبو. هو شاعريءَ ۾ پوپ جو حامي ۽ مشهور فطرت نگار شاعر ورڊس ورٿ جو دشمن هو. طبيعت ۽ مزاج جي رنگينيءَ ۽ خودسريءَ جي ڪري کيس ’ادب جو نيپولن‘ به ڪوٺيو ويو آهي. سندس شاعريءَ ۾ خوبين سان گڏ خاميون به آهن. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪڏهن به سنجيدگي ۽ توازن قائم رکي نه سگهيو، -ان- ڪري هو ڪلاسيڪيت ۽ رومانويت جي وچ ۾ ٽنگيل ڏسجي ٿو. 20 صديءَ جي سنڌي شاعريءَ تي يورپ جي رومانوي دور جي شاعريءَ جو چڱو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو.[12]
جارج گورڊن بائرن | |
---|---|
(انگريزي ۾: George Gordon Byron) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (انگريزي ۾: George Gordon Byron) |
ڄم | 22 جنوري 1788 [1][2][3][4] |
موت | 19 اپريل 1824 (36 سال)[5][6][4] |
شھريت | عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت (1 جنوري 1801–) عظيم برطانيا جي بادشاهت (–1 جنوري 1801) |
رڪن | رائل سوسائٽي |
عملي زندگي | |
مادر علمي | ڪيمبرج يونيورسٽي |
پيشو | شاعر [7]،سياستدان [8]،ليکڪ [9][10] |
ڪم جي ٻولي | انگريزي ٻولي [11] |
تحريڪ | رومانيت |
عسڪري خدمتون | |
اعزازات | |
دستخط | |
ويب سائٽ | |
IMDB تي صفحو | |
ترميم |