دري
From Wikipedia, the free encyclopedia
دري---Window : اردوء ۾ :'کھڑکی : ڀت ، ڇت، در ۽ گاڏيء ۾ اھڙو سوراخ آھي جتان ھوا، روشني ۽ آواز اندر داخل ٿيندو آھي. جديد درين ۾ شفاف يا چمڪيلا يا روشن شيشا لڳايا ويندا آھن.[1] انھن جي قسمن ۾ آئي برو دري، فڪسڊ دري، سنگل ھنگ دري ، ڊبل ھنگ دري، سيش دري، ھاريزہنٽل سلائيڊنگ سيش دري ، ڪيس واري دري، آننگ دري، ھوپر دري، ٽلٽ ۽ سلائيڊ دري، ٽلٽ اينڊ ٽرن دري، سائيڊ لائيٽ دري،جالوسي يا لوورڊ دري، ڪلريسٽري دري، اسڪاء لائيٽ دري، ڇت يا روف واري دري، اوريل دري، ٿرمل دري، ڊئيوڪلٽين دري، تصوير واري دري، ايمرجنسي اگزٽ دري، فرينچ دري،ٽرپل پينل واري دري.جاءِ اندر مختلف ڪمرن جي نوعيت مطابق انھن کي ھر موسم آھر ھوا ۽ روشني پھچائڻ لاءِ درين جو لڳائن تمام ضروري آھي. اھي اھڙي انداز ۾ لڳائڻ گھرجن،، جيئن ھوا جو گذر انھيءَ جي رخ پٽاندڙ، بنا ڪنھن رنڊڪ جي ۽ صحيح طرح سان ٿئي. برٽش قائدن مطابق درين جي ايراضي ڪمري جي فرش جي ايراضيءَ (Carpet Areas) جو گھٽ ۾ گھٽ ڏھون (1/10) حصو ھئڻ گھرجي.[2]