ريڪجاويڪ
From Wikipedia, the free encyclopedia
ريڪجاويڪ(انگريزي: Reykjavik )[4] آئس لينڊ جو سڀ کان وڏو شھر ۽ ملڪ جي گادي جو هنڌ آهي ۽ ملڪ جي ڏکڻ اولھ ۾ فاڪسفلوئي اپسمنڊ تي ڏاکڻي ڪناري تي ويڪرائي ڦاڪ جي اتر پاسي 64°08' تي واقع آهي. شھر جي آبادي 131,136 آھي ۽ ڪيپيٽل ريجن جي ڪل آبادي 233,034 آھي[3][5] ھي شھر آئس لينڊ جو ثقافتي، معاشي ۽ سياسي سرگرمين جو مرڪز ۽ مشھور تفريحي مقام آھي.
ترت ڄاڻ ريڪجاويڪ, ملڪ ...
ريڪجاويڪ | ||
---|---|---|
ميونسپالٽي | ||
مٿان کان کاٻي پاسي: پراڻي شھر جو منظر ۽ پرلان کان ھچگريمر چرچ، ھچگريمر چرچ جو ڇتيون، ھچگريمر چرچ کان ريڪجاويڪ جو منظر، فريڪرڪجان، پرلان وٽان پينورامائي منظر | ||
| ||
ريڪجاويڪ جو مقام | ||
ملڪ | آئس لينڊ | |
ريجن | ڪيپيٽل ريجن | |
تڪ | ريڪجاويڪ وارو اتريون تڪ ريڪجاويڪ جو ڏاکڻو تڪ | |
مارڪيٽ وارو شھر | 18 آگسٽ 1786[1] | |
حڪومت | ||
پکيڙ[2] | ||
• ڪل | 273 ڪ.م2 (105 ميل2) | |
آبادي (2020)[3] | ||
• ڪل | 131,136 |
بند ڪريو
ھن شھر کي آئس لينڊ جي پھرين آبادي سمجھيو وڃي ٿو. لينڊنامابوڪ مطابق ھن شھر جو بنياد انگولفر ارنارسن نالي ھڪ سردار 874ع ۾ وڌو ھو. ھن وقت ھن شھر جو شمار دنيا جي صاف ترين، سرسبزترين ۽ محفوظ ترين شھرن ۾ ٿئي ٿو[6][7][8]