زاپوپان
From Wikipedia, the free encyclopedia
زاپوپان يا ساپوپان (انگريزي: Zapopan ) ميڪسيڪو جو ھڪ شھر ۽ ميونسيپلٽي آهي جيڪا ميڪسيڪو جي رياست جيلسڪو ۾ واقع آهي جيڪو ان رياست جو ٻيون وڏو شھر آھي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق ھن شھر جي آبادي 2000 ۾ 9،10،690 ھئي[1]. ميڪسيڪو جي الھندي پاسي جي وچ تي جيلسڪو رياست ۾ گئڊالاجارا درياء جي وادي ۾ واقع آهي[1]. ھي شھر رياست جيلسڪو جو واپار ۽ زرعي صنعت جو مرڪز آهي جنھن جي پسگردائيءَ ۾ اناج، ميون ، ڪپھ، ڪمند، ڀاڄين جي پيدوار ، چوپائي مال جي افزائش ۽ ماکي جي مکين جي افزائش سان گڏوگڏ سياحت پڻ اتان جي معيشت جو حصو آهي[1]. ھتي سترھين صدي جي ٺھيل زاپوپان واري بيسيليڪا سياحن جو مرڪز آهي[1].
ترت ڄاڻ زاپوپان, ملڪ ...
زاپوپان | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
شھر ۽ ميونسيپلٽي | ||||||||
زاپوپان جا منظر جنھن ۾ بيسليڪا، مڪئي وارو يادگار، آرڪوس ڊي ، ميونسپل محل، پيورٽا ڊي ھائيرو وارو پينوراما منظر ڏيکاريل زاپوپان شھر جا منظر. | ||||||||
| ||||||||
جيلسڪو ۾ ميونسيپلٽي جو مقام | ||||||||
ميڪسيڪو ۾ مقام | ||||||||
جاگرافي بيهڪ: 20°43′13″N 103°23′31″W | ||||||||
ملڪ | ميڪسيڪو | |||||||
رياست | جيلسڪو | |||||||
قيام | 8 ڊسمبر 1541 | |||||||
ميونسيپلٽي جي حيثيت | 1825 | |||||||
حڪومت | ||||||||
• ميونسيپلٽي جو صدر | پئبلو ليمس | |||||||
پکيڙ | ||||||||
• ميونسيپلٽي | 893.15 ڪ.م2 (344.85 ميل2) | |||||||
بلندي (شھر جي) | 1,571 ميل (5,154 ft) | |||||||
آبادي (2005) ميونسيپلٽي واري | ||||||||
• ميونسيپلٽي | 1,155,790 |
بند ڪريو