فلش ٽوائليٽ
From Wikipedia, the free encyclopedia
فلش ٽوائليٽ ___فلش پائخانو__فلش ڪاڪوس:فلش ٽئنڪس : (Flush Tanks) ڪاڪوس جي چلھن منجھان پاڻيءَ جي وسڪاري سان گند کي خارج ڪرڻ لاءِ (To Flush) ٻن قسمن جون ٽانڪيون لڳايون وينديون آھن. ھڪ مٿين ليول واريون ٽانڪيون (High level flushing Cisterns) ۽ ٻيون ھيٺين ليول واريون ٽانڪيون (Low level flushing Cisterns). مٿين ليول واريون ٽانڪيون بِير (Cast Iron) جون ٺھيون ھونديون آھن ۽ اھي اڪثر ڪري پاڪستاني چلھن مان گند خارج ڪرڻ لاءِ لڳايون وينديون آھن. گھڻي ۽ بي احتياطيءَ سان استعمال ٿيندڙ جاين تي، جھڙوڪ ھاسٽلون، ڪارخانھ، اسپتالون، سرڪاري دفتر ۽ عوامي جايون وغيره، ھميشھ ھن قسم جي ٽانڪين جي استعمال کي ترجيح ڏني ويندي آھي. ٽانڪيءَ جي تري ۽ چلھي جي مٿاڇري جي وچ ۾ اڪثر طور ساڍن ڇھن فوٽن جي اوچائي رکي ويندي آھي.
ھيٺين ليول واريون ٽانڪيون اڪثر ڪري ڪموڊن (English type) يعني انگريزي نموني جي چلھن مٿان سيٽ کان ٿورو مٿي لڳايون وينديون آھن ۽ معياري عمارتن واسطي چينيءَ جون ۽ ھڪ ئي سيٽ (Set) واري چينيءَ جي قسم ۽ رنگ جون ھونديون آھن. انھيءَ کان علاوه رواجي ڪمن واسطي گھٽ معيار واري چيني (Porcelain) سٺي قسم جي پينٽ جي تھھ چڙھيل ٽين ۽ پلاسٽڪ جون ٽانڪيون (Low Level Cisterns) پڻ استعمال ڪيون وينديون آھن. اسان وٽ ٻنھي قسمن جي ٽانڪين ۾ 2 کان 3 گيلن پاڻيءَ جي گنجائش ھوندي آھي.
پيشابدانن (Urinals) کي صاف رکڻ واسطي ھر پيالي مٿان ھڪ گئلن واري ٽانڪي استعمال ڪئي ويندي آھي. گھڻي استعمال ٿيندڙ ۽ عام پبلڪ وارين جاين تي پيشابدانن جي قطار واسطي ھڪ کان ٽن گئلن پاڻيءَ جي گنجائش واريون آٽوميٽڪ ٽانڪيون بھتر رھن ٿيون جن ۾ ھڪ منٽ اندر ½ گئلن پاڻيءَ جي رسد جي گنجائش رکي ويندي آھي ۽ انھن ۾ بال والو (Ball valve) ۽ پاڻيءَ جي اٿل (Overflow) جي ضرورت نھ پوندي آھي.[4]