ڪرناٽڪا
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪرناٽڪا(انگريزي: Karnataka)(Karnāṭaka) انڊيا جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا پھرين نومبر 1956 م قائم ڪئي وئي. ھن رياست جو اصل نالو ميسور واري رياست ھيو. ان کي شروع ۾ ميسور اسٽيٽ جو نالو ڏنو ويو پر پوءِ 1973 ۾ ان جو نالو تبديل ڪري ڪرناٽڪ خطي جي ڪري ڪرناٽڪا رکيو ويو. ھن رياست جي گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر بينگلور آھي. ھن رياست جون حدون اولھ ۾ عربي سمنڊ سان، اتر اولھ ۾ گوا سان، اتر ۾ مھاراشٽر، اتر اوڀر ۾ تلنگانا سان، اوڀر ۾ آنڌرا پرديش ، ڏکڻ اوڀر ۾ تامل ناڊو ۽ ڏکڻ ۾ ڪيرالا سان ملن ٿيون. ھن رياست جي پکيڙ 191٬976 ڪلوميٽرزچورس (74٬122 sq mi) آھي جيڪا انڊيا جي ڪل پکيڙ جو 5.83 سيڪڙو آهي. پکيڙ ۾ انڊيا جي ھي ڇھين وڏي ۽ آبادي ۾ اٺين وڏي رياست آھي. رياست جي آبادي 2011 جي مردم شماري مطابق 61,130,704 ھئي. ھن رياست ۾ ٽيھ ضلعا آهن.
ترت ڄاڻ ڪرناٽڪا, ملڪ ...
ڪرناٽڪا | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
رياست | ||||||||
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي پاسي: ميسور محل، پٽئڊاڪل، برنداوان وارا باغ، ھوئيسالا ايمپائر جو نشان، شواناسمندرا آبشار، ھيمپي وارو ويروپاڪشا مندر | ||||||||
| ||||||||
ترانو: "جئي ڀارت جانيا تنوجاتي"
"(ڪرناٽڪا ماتا توکي سوڀ جي مبارڪ ھجي )" | ||||||||
ڪرناٽڪا جو نقشو | ||||||||
جاگرافي بيهڪ (بينگلور): 12.97°N 77.50°E / 12.97; 77.50 | ||||||||
ملڪ | ڀارت | |||||||
قيام | 1 نومبر 1956 ( ميسور جي رياست جي حيثيت سان) | |||||||
گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شھر |
بنگلور (بينگلورو) | |||||||
ٽوٽل ضلعا | List
| |||||||
حڪومت | ||||||||
• مجلس | ڪرناٽڪا جي حڪومت | |||||||
• گورنر | واجو ڀائي والا | |||||||
• وزيراعلي | ايڇ ڊي ڪماراسوامي (جي ڊي (ايس)) | |||||||
• ڊپٽي وزيراعلي | جي.پرميشور (آء اين سي) | |||||||
• ليجسليٽو اسيمبلي | ٻہ ايواني | |||||||
• پارلياماني تڪ | راجيا سڀا 12 لوڪ سڀا 28 | |||||||
پکيڙ[1] | ||||||||
• ڪل | 191,791 ڪ.م2 (74,051 ميل2) | |||||||
پکيڙ ۾ درجو | 6th | |||||||
بلند ترین پیمائش | 1,925 ميل (6,316 ft) | |||||||
گھٽ ترین پیمائش | 0 ميل (0 ft) | |||||||
آبادي (2011)[2] | ||||||||
• ڪل | 61,130,704 | |||||||
Symbols of ڪرناٽڪا | ||||||||
نشان | گانڊابرونڊا[3] | |||||||
گانو | جئي ڀارت جنني تنوجاتي[4] | |||||||
جانور | ھندوستاني ھاٿي[5] | |||||||
پکي | Indian Roller[5] | |||||||
گل | ڪنول جو گل[5] | |||||||
وڻ | صندل جو وڻ (Santalum album) [5] |
بند ڪريو