ڪوروناوائرس
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪوروناوائرس(انگريزي: Coronavirus ) ڪوروناوائرڊاء خاندان سان تعلق رکندڙ ھڪ وائرس آهي[2][3]. اھو وائرس پروٽين جي مثبت اثر واري آر اين اي جينوم يعني (+)ssRNA سان ويڙھيل ھوندو آھي [4].ان جو جينوم پيچداري تناظر جي شڪل جو نيڪليو ڪيپسڊ (ڇلڪو) ھوندو آھي ۽ ان جينوم جي ماپ 26 کان 32 ڪلوبيس[5] آھي جيڪو آر اين اي وارن وائرسن ۾ غيرمعمولي طور تي وڏو آھي. ھن وائرس کي ڪووڊ-19 پڻ چون ٿا جنھن جو مطلب آھي 2019 وارو ڪوروناوائرس. ھن وائرس جو نالو لاطيني لفظ ڪورونا مان ورتل آهي جنھن جي معني آهي تاج يا ڇلو. اھو ان جي ڪري رکيو ويو جو ھن وائرس جي بناوٽ اليڪٽرانڪ خوردبيني ۾ ڇلي وانگر نظر ايندي آهي. ان جي چوڌاري بلبن وانگر شڪل جي جھالر ھوندي آھي جنھن ڪري اھو ڇلو تاج وانگر لڳندو آهي. اھي بلبن جھڙيون شڪليون وائرس جا نوڪيلا پئپلومر آھن جيڪي دراصل وائرس جي مٿاڇري تي موجود پروٽين ھوندا آھن جن مان اھا خبر پوندي آهي تہ وائرس ڪھڙي قسم جي خلين يا جيو گھرڙن کي متاثر ڪندو. ھن وائرس جي بناوٽ ۾ چئن قسمن جي شڪلين وارا پروٽين شامل آهن : اسپائيڪ يا نوڪدار شڪل (S), اينوولپ يا ويڙھي جي شڪل(E)، ميمبرين يا جھلي واري شڪل (M) ۽ نيڪليوڪيپسڊ يا ڇلڪي واري شڪل (N) . ھي وائرس اڪثر ھٿن ۾ چبڙندو آهي ۽ ھٿ جي وات کي ڇھڻ سان جسم ۾ داخل ٿي ويندو آهي ۽ نڙگھٽ ذريعي ڦڦڙن ۾ پھچندو آھي جتي خلين يا جيو گھرڙن ۽ تاندورن سان چنبڙي پنھنجا نقل ٺاھڻ شروع ڪندو آهي. اھڙي طرح ھي ساهہَ کڻڻ جي وچڙندڙ رَوڳ (ريسپائريٽري انفيڪشن) جو سبب بڻجي ٿو، جيڪو عام طور ، هلڪو هوندو آهي، پر اَڻ لڀ حالتن ۾، پڻ موتمار ٿي سگهي ٿو.ڳَئوُن ۽ سوئرَ ۾ اهو پيٽ جا گُهمرا (دستن،ڊائيريا) جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پَر ڪُڪِڙين (چُوزَنِ) ۾ هي ساهه جي مٿانهين بيماريءَ جو ڪاَرَڻُ بڻجي سگهي ٿو.هن بيماري جي روڪَ، بچاءُ يا علاج جي لاءِ اهڙي ڪابہ ويڪسين يا وائرس ڪش دوا نہ ٺھي سگھي آھي. سارس ڪورونا وائرس (SARS coronavirus) جي مخصوص حالت ۾ (هيٺ ڏسو)، وائرس جي ايس (S) رسيپٽر بائنڊنگ ڊومين تي مقرر ڪيل سيلولر رسيپٽر، انجيوٽينسين-بدلائيندڙ انزائم 2 (ACE2) سان لاڳاپو پيدا ڪن ٿا.[6] ڪجهه ڪوروناوائرس (خاص طور تي بيٽاڪورناوائس جي ذيلي گروپ اي (A) جهلي يا ميمبرين) ۾ هيماگلوٽين ايسٽريس (ايڇ اي HE) نالي هڪ ننڍڙي-اسپائڪ جهڙو پروٽين پڻ آهي[7].
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
ڪوروونا وائرس | |
---|---|
وائرس درجا بندي | |
Group: | Group IV ((+)ssRNA) |
ترتيب: | نائدووائرس[1] |
خاندان: | ڪورونوائرڊاء |
ذيلي خاندان: | ڪرووناوائرناء |
نسل: |
|
قسم جنس | |
ڪوروناوائرس | |
جنسون | |
|