گلگت
From Wikipedia, the free encyclopedia
گلگت (गिलगित) (Gilgit) پاڪستان جي صوبي گلگت بلتستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي۔ هي شاهراه قراقرم جي ويجھو واقع آهي۔ گلگت درياهه هن جي ويجھو گزري ٿو۔گلگت ايجنسي جي اوڀر ۾ ڪارگل اتر ۾ چين اتر اولهه ۾ افغانستان اولهه ۾ چترال ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ بلتستان جو علائقو آهي. دنيا جا ٽن عظيم پهاڙي سلسلن هماليه، قراقرم ۽ هندوڪش جو سنگم هن جي ويجھو آهي۔ هتان جي ٻولي شينا آهي پر اردو عام سمجھي ويندي آهي۔ چين سان واپار جو مرڪز آهي۔ ڪي ٽو، نانگا پربت، راڪاپوشي ا۽ اتر جون ٻيون بلند چوٽيون سر ڪرڻ وارا هتي ايندا آهن۔ هتان جي خاص شيء هتان جي موسم آهي جيڪا سال جا ٻارنهن مهينا ٿڌي هوندي آهي. گلگت جي اڪثريتي آبادی شيعه ماڻهن تي مشتمل آهي. جن ۾ گھڻا اثناء عشري شيعه آهن پر اسماعيلي ۽ سنين جي هڪ وڏي تعداد به هن علائقي ۾ آباد آهي. گلگت بلتستان ۾ هڪ فرقو نوربخشي آهي جيڪي نور بخش نالي مذهبي پيشوا جا پيروڪار به آباد آهن۔. پهرين نومبر 1947 تي ڊوگر راڄ کان آزادي حاصل ڪرڻ کان بعد گلگت بلتستان ، پاڪستان سان ملحق ٿيو تپر قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات جي ڪري هن ا۽ پاڪستان جي انتظامي مشڪلاتن جي ڪري هن تحرير لکڻ تائين پاڪستان جي قومي اسمبلي ۾ نمائندگي موجود نه آهي۔
Gilgit گلگت سارگن گـلیت | |
---|---|
شھر | |
گلگت جيڪو ھڪ وسيع واديءِ ۾ واقع آهي | |
عرفيت: گليت | |
پاڪستان ۾ ان جو مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 35°55′15″N 74°18′30″E | |
انتظامي صوبو | سانچو:Country data Gilgit Baltistan |
ضلعو | گلگت |
پھريون دفعو ذڪر | ٽين صدي قبل مسيح |
پکيڙ | |
• ڪل | 57 ڪ.م2 (22 ميل2) |
بلندي[1] | 1,500 ميل (4,900 ft) |
آبادي (1998) | |
• ڪل | 216,760 |