ڪينيڊا
اتر آمريڪا ۾ ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪينيڊا : (انگريزي: Canada) اُتر آمريڪا جو هڪ ڏاڍو خوبصورت ملڪ آهي. ڪينيڊا جهڙو پاڻ قدرتي طور تي سهڻو ملڪ آهي تهڙا ئي خوبصورت، فراخدل، محنتي ۽ انسان دوست ان جا شهري آهن. جيڪي بنا ڪنهن رنگ، نسل، عقيدي، قوم ۽ ٻوليءَ جي فرق ڪرڻ جي انساني ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ ڪٿي به انساني حقن جي خلاف ورزي ٿئي، ڪينيڊا جي حڪومت ۽ ڪينيڊا جا شهري گڏجي ان خلاف پنهنجي وس آهر آواز اُٿاريندا رهن ٿا ۽ انساني حقن جي انهن خلاف ورزين کي روڪرائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪرادر ادا ڪرڻ جي ڪوششون ڪندا رهن ٿا . ڪينيڊا اُتر آمريڪا (نارٿ آمريڪا) کَنڊَ جو هڪ وڏو ۽ اهم ملڪ آهي. ان جا ڏهه صوبا ۽ ٽي وفاقي ٽريٽيريون (وفاقي علاقا) ، ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کان وٺي سانتڪي سمنڊ (پيسيفڪ سمنڊ) تائين پکڙيل آهن. ڪينيڊا جي ڪُل پکيڙ 9.98 ملين ڪلوميٽرز (3.85 ملين ميلَ) آهي. ڪينيڊا ڪُل پکيڙ جي حساب سان دنيا جو ٻيون وڏو ملڪ ۽ زميني ايراضيءَ جي حساب سان دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي. ڪينيڊا جي سرحد يو ايس اي يعني آمريڪا سان ملي ٿي. ڪينيڊا جي گاديءَ جي هنڌ جو نالو آٽووا آهي ۽ ڪينيڊا جي سڀني کان وڏي ۾ وڏي شهر جو نالو ٽورانٽو آهي. انگريزي ۽ فرانسيسي ڪينيڊا جون سرڪاري قومي ٻوليون آهن. ڪينيڊا جي قومي تراني جو نالواو ڪينيڊا... آھي.ڪينيڊا جو نظام وفاقي جمهوري نظام آهي ۽ ڪينيڊا جي آئيني سربراهه راڻي ايلِزيبٿ آهي.
Canada | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: 'A Mari Usque Ad Mare (ٻولي؟) (English: "From Sea to Sea") | |||||
ترانو: "او ڪينيڊا"
| |||||
گادي جو هنڌ | اوٽاوا 45°24′N 75°40′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ٽورونٽو | ||||
دفتري ٻوليون |
| ||||
نسلي گروھ | نسلي رھاڪن جي فھرست
| ||||
مذهب | |||||
مقامي آبادي | ڪئنيڊين | ||||
حڪومت | وفاقي پارليامينٽري سسٽم آئيني بادشاھت[3] | ||||
• شاھي سربراهه |
ملڪہ ايلزبيٿ ٻين | ||||
• گورنر جنرل |
مريم سمسون | ||||
• وزيراعظم |
جسٽن ٽرئڊو | ||||
• چيف جسٽس |
رچرڊ وئگنر | ||||
مقننه | پارليامينٽ | ||||
سينيٽ | |||||
ھائوس آف ڪامنز | |||||
آزادي يونائٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين | |||||
• ڪئنيڊين ڪنفيڊريشن |
1 جولاءِ 1867 | ||||
• ويسٽ منسٽر وارو قانون |
11 ڊسمبر 1931 | ||||
• ورھاست |
17 اپريل، 1982 | ||||
پکيڙ | |||||
• Total area |
9٬984٬670 km2 (3٬855٬100 sq mi) (2nd) | ||||
• پاڻي (%) |
8.92 | ||||
• Total land area |
9٬093٬507 km2 (3٬511٬023 sq mi) | ||||
آبادي | |||||
• 2016 مردم شماري |
35,151,728[4] (38هون) | ||||
• گھاٽائي |
3.92 /km2 (10.2 /sq mi) (228هون) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.836 trillion[5] (15هون) | ||||
• في سيڪڙو |
$49,620[5] (20هون) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.763 trillion[5] (10هون) |