آفريڪا ۾ اسلام
From Wikipedia, the free encyclopedia
دین اسلام پنهنجي شروعات کان وٺي آفریڪي کنڊ ۾ مرڪزي اھميت وارو مذھب رهيو آهي. آفريڪا پهريون براعظم هو جنهن ۾ اسلام ستین صدي عيسوي جي شروعات ۾ ڏکڻ اولهه ايشيا کان پکڙجي ويو. دنيا جي مسلمان آبادي جو تقريباً ٽيون حصو آفريڪا ۾ رهي ٿو. مسلمانن موجوده جيبوتي ۽ صوماليا کي پار ڪري اڄوڪي ايريٽيريا ۽ ايٿوپيا ۾ اڪسوم بادشاهت ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ لڏپلاڻ ڪيو. اسلام جو پيغام آفريڪا تائين پهتو ۽ وڏي پيماني تي شايع ٿيو، پوءِ اسلام آفريڪا کنڊ جي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويو.
آفريڪا ۾ مسلم آبادي جي تناسب تي متضاد ڊيٽا موجود آهن. برٽينيڪا آن لائن موجب سال 2010ع ۾ آفريڪا ۾ مسلمانن جي آبادي 42,19,38,820 (40.84 سيڪڙو) هئي، جڏهن ته عيسائين جي آبادي 48,88,80,000 (47.32 سيڪڙو) هئي، افريقي روايتي مذهبن (قومي مذهبن) جي پيروڪارن جو تعداد 10,95,92,000 (10.6 سيڪڙو) هو. ٻين مذهبن جي پوئلڳن جو انگ 1,26,32,200 (1.22 سيڪڙو) هو ۽ آفريڪا جي ڪل آبادي 1,03,30,43,000 هئي.[1] برطانوي انسائيڪلوپيڊيا (2003ع) ۽ ورلڊ بڪ انسائيڪلوپيڊيا جی مطابق، اسلام آفريڪا ۾ سڀ کان وڏو مذهب آهي، جنهن جي پٺيان عيسائيت آهي.[2] ان کان علاوه، سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي ڪل آبادي جي لحاظ کان، مسلمانن جو هڪ چوٿون آفريڪا ۾ رهیی ٿو.[3]
دنيا ۾ مسلمانن جي وڏي اڪثريت (90 سيڪڙو) وانگر، آفريڪا ۾ اڪثر مسلمان پڻ سني آهن. آفريڪا ۾ اسلام جي پيچيدگي ڪيترن ئي افريقي ملڪن ۾ فڪر، روايتن ۽ آوازن جي مختلف اسڪولن ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ڪيتريون ئي آفريڪي قومون، اڪثر ڪري اتر، اولهه ۽ اوڀر آفريڪا ۾ اسلام کي پنهنجو روايتي مذهب سمجهن ٿيون.