ارل
From Wikipedia, the free encyclopedia
ارل(انگريزي: Earl)[1] انگلينڊ جي نوابن جو ھڪ قسم ھيو جن جي شروعات اينگلوسيڪسن جي دور ۾ ٿي. ارل جو خطاب اسڪينڊينيويائي خطاب جارل جھڙو ھيو جنهن جي جرمن ٻوليءَ ۾ معني سردار ھئي. ھي خطاب بعد وچولي دور م رواج مان نڪري ويو ۽ ان جي جاء تي ڊيوڪ جو خطاب رواج ۾ آيو. موجوده دور ۾ برطانيا ۾ ارل اميراڻي خطابن ۾ شامل آھي ۽ شمار ۾ مارڪئيس کان ننڍو ۽ وسڪائونٽ کان وڏو خطاب آھي.[2] ارل جو مونث خطاب نہ ٺھي سگھيو ۽ ان جي مونث لاء ڪائونٽيس استعمال ٿيندو آھي.