اصفھان
From Wikipedia, the free encyclopedia
اصفھان (انگريزي: Isfahan) ايران جي صوبي اصفھان جو وڏي ۾ وڏو شھر ۽ گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر تھران ۽ مشھد کان پوءِ ايران جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1,961,260 آھي[2]. ھي شھر تھران کان 406 ڪلوميٽر (252 ميل) ڏکڻ ۾ آباد آھي. ھي اولھ ايران جو ھڪ وڏو ۽ اھم شھرآھي. زايندھ نديءَ (Zāyandeh River) جي اترئين ڪپ تي آباد ھن شھر جي سامونڊِي سطح کان اوچائي 1600 ميٽر (5200 فوٽ) آھي. ھي شھر پھريائين سلجوقي دور (11 کان 12 صدي عيسوي) ۽ پوءِ صفوي دور (16 کان 18 صدي عيسوي) ۾ ايران جو ھڪ اھم ۽ خوشحال شھر رھيو. ھي شھر پنھنجي عاليشان عمارتن ۽ تاريخي يادگارن جي ڪري سڄي اسلامي دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو[3]. 1979ع ۾ ھن شھر جي ”ميدان امام“ کي يونيسڪو جو عالمي ورثو قرار ڏنو ويو. ھن شھر لاءِ فارسيءَ ۾ ھڪ مشھور چوڻي آھي تہ ”اصفھان نصف جھان است“ يعني ”اصفھان اڌ دنيا آھي“. ھي شھر تھران کان ايراني نار ويندڙ رستي تي آباد آھي[4]. ھي شھر آل بويہ، سلجوقي ۽ صفوي گھراڻن جي بادشاھيءَ واري دور ۾ ايران جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو[5]. اصفھان ۽ رشت ايران جا پھريان ٻہ شھر آھن جن کي 11 ڊسمبر 2015ع تي يونيسڪو جي تخليقي شھرن جي فھرست (UNESCO Creative Cities Network) ۾ شامل ڪيو ويو[6].
Isfahan اصفهان سپاھان، اسپادانا | |||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
شھر | |||||||||
مٿان کا ھيٺ، ساڄي کان کاٻي: نقش جھان اسڪوائر سي وسہ پل• خاجو پل گلن جو باغ • چھل ستون شاھ مسجد • ڪلیسای آمناپرڪیچ | |||||||||
| |||||||||
عرفيت: (اڌ دنيا) نصف جھان | |||||||||
Isfahan | |||||||||
جاگرافي بيهڪ: 32°38′41″N 51°40′03″E | |||||||||
ملڪ | ايران | ||||||||
صوبو | اصفھان | ||||||||
شھرستان | اصفھان | ||||||||
ضلعو | مرڪزي | ||||||||
حڪومت | |||||||||
• ميئر | علي قاسم زادہ | ||||||||
• سٽي ڪائونسل | محمد نور صالحي (چيئرمين) | ||||||||
پکيڙ[1] | |||||||||
• شھري | 551 ڪ.م2 (213 ميل2) | ||||||||
بلندي | 1,574 ميل (5,217 ft) | ||||||||
آبادي (2016ع واري آدمشماري) |