حيدار عليئيف انٽرنيشنل ايئرپورٽ
باڪو، آذربائيجان ۾ بين الاقوامي هوائي اڏو (انٽرنيشنل ايئرپورٽ) / From Wikipedia, the free encyclopedia
حيدر عليئيف بين الاقوامی هوائي اڏو حيدار عليئيف انٽرنيشنل ايئرپورٽ (انگريزي ٻولي: Heydar Aliyev International) (Azerbaijani: Heydər Əliyev Beynəlxalq hava limanı) باڪو ۾ حيدار عليئيف بين الاقوامي هوائي اڏو انهن ڇھن بين الاقوامی هوائي اڏن منجهان هڪ آهي جيڪي آذربائيجان ۾ خدمتون ڏئي رهيا آهن. پهرئين هي باڪو جي هڪ پسگردائي علائقي جي نالي سان بينا انٽرنيشنل ايئرپورٽ سڏبو هيو. 10 مارچ 2004 تي، آذربائيجان جي ٽئين ۽ اڳوڻي صدر، حيدر عليئيف جي نالي پُٺيان هن هوائي اڏو (ايئرپورٽ) جو نالو رکيو ويو هيو. هوائي اڏو باڪو جي اُتر اَوڀر ۾ 20 ڪلوميٽر پَري موجود آهي، جيڪو شهر سان هڪ جديد شاهراهہ (هاءِ وي) جي ذريعي ڳنڍيل آهي، جنهن کي سن 2008 ۾ عمل ۾ آندو ويو. هوائي اڏو آذربائيجان ايئرلائنز ۽ بوٽا ايئرويز جي اندرون ملڪ قومي بارکڻي ويند اڏو جو ڪم ايندو هيو. هوائي اڏي ۾ روانگي (ڊپارچر) ۽ پهچندڙ (ارائيول) ٻنهين حصن ۾ دڪان، ريستورانٽ ۽ ڪيفي سميت ڊيوٽي فري اسٽورن ڪُشادي رينج موجود آهي. انکانسواءِ، ٽرمينل 1 ۾ پنج لائونجز سان گڏوگڏ هڪ سپا (Spa) پڻ آهي.[3] باڪو حيدار عليئيف بين الاقوامي هوائي اڏو عالمي گُهرجُن ۽ سهلوليتن موجب آهي. ان جو جاگرافيائي لوڪيشن اوڀَر ۽ اوله ۽ اُتر ۽ ڏکڻ جي وچ۾ اُڏامن جي سهوليت ڏئي ٿو.
حيدر عليئيف بين الاقوامي هوائي اڏو Heydar Aliyev International Airport Heydər Əliyev beynəlxalq hava limanı | |||
---|---|---|---|
آءِ اي ڊي اي: GYD – آئي سي اي او: UBBB | |||
خلاصو | |||
قسم | پبلڪ | ||
مالڪ | آذربائيجان جي حڪومت | ||
منتظم | سرڪار | ||
خدمتون | باڪو | ||
جاءِ وقوع | باڪو، آذربائيجان | ||
Hub for | * آذربائيجان ايئر لائنز
| ||
سطح سمنڊ کان بلندي | 3 ميٽر / 10 فٽ | ||
موافقتون | 40°28′03″N 050°02′48″E | ||
دورو مقام | airport.az | ||
ڊوڙڻ جو رستو | |||
پاسي | اوچائي | سطح | |
ميٽر | فٽ | ||
16/34 | 3,995[1] | 13,107 | اسفالٽ/ڪنڪريٽ |
17/35 | 3,200 | 10,499 | اسفالٽ/ڪنڪريٽ |
شماريات(2018) | |||
مسافر | 4,430,000 | ||
مسافرن جي تبديلي | 9.0% | ||
Source: www.airportbaku.com, Azerbaijanian اي آءِ پي at يوروڪنٽرول[2] اِي سي آءِ' جي 2014 ورلڊ ايئرپورٽ ٽريفڪ رپورٽ. |