فليگ اسٽاف، ايريزونا
From Wikipedia, the free encyclopedia
فليگ اسٽاف (انگريزي: Flagstaff) آمريڪا جي
فليگ اسٽاف، ايريزونا | |
---|---|
شھر | |
شھر جو نظارو (2019ع) | |
جاگرافي بيهڪ: 35°11′57″N 111°37′52″W | |
ملڪ | آمريڪا جون گڏيل رياستون |
رياست | ايريزونا |
ڪائونٽي | ڪوڪونينو |
ٽائون جو درجو مليو | 1876 |
شھر جو درجو مليو | 1928 |
حڪومت | |
• قسم | ڪائونسل مينيجر |
• مجلس | فليگ اسٽاف سٽي ڪائونسل |
پکيڙ[1] | |
• شھر | 66.08 ميل2 (171.15 ڪ.م2) |
• زميني | 66.03 ميل2 (171.02 ڪ.م2) |
• آبي | 0.05 ميل2 (0.14 ڪ.م2) |
بلندي | 6,910 ft (2,106 ميل) |
آبادي (2020) | |
• شھر | 76,831 |
ايريزونا رياست جو ھڪ شھر جيڪو فينڪس شھر کان اٽڪل 210 ڪلوميٽر (130 ميل) اتراوڀر پاسي آباد آھي. ھي شھر ڪوڪونينو (Coconino) ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 76,131 آھي. فليگ اسٽاف ميٽروپوليٽن واري علائقي جي ڪل آبادي 139،097 آھي. آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو ديال (صنوبر) جي وڻن جو ٻيلو ھن شھر جي ڏکڻ ۾ 18 لک ايڪڙن ۾ پکڙيل آھي. سامونڊي مٿاڇري کان اٽڪل 2100 ميٽر (7000 فوٽ) مٿي آباد ھي شھر ايلڊن جبل (Mount Elden)جي دامن ۾ وسيل آھي.
فليگ اسٽاف شھر ۽ ان جي آسپاس خلائي تحقيق لاءِ رصدگاھون قائم ٿيل آھن. 1930ع ۾ ھن شھر جي رصدگاھ ۾ لڳل خلائي دوربين وسيلي پلوٽو (Pluto) گرھ دريافت ٿيو ھو. ياد رھي تہ جديد تحقيق مطابق پلوٽو ھڪ مڪمل گرھ ناھي بلڪ ھڪ ڄامڙو گرھ (Dwarf Planet) آھي.
ھي شھر سير ۽ سياحت جو وڏو مرڪز آھي. ايريزونا جو جڳ مشھور عجوبو گرينڊ ڪينئن (Grand Canyon) ھتان کان فقط 75 ڪلوميٽر اتر اولھ ۾ واقع آھي.