مصر
From Wikipedia, the free encyclopedia
عرب جمھوريه مصر(i/ˈiːdʒɪpt/ EE-jipt; عربي ٻولي: مِصر Miṣr, Egyptian Arabic: مَصر Maṣr, Coptic: Ⲭⲏⲙⲓ Khēmi) یا مصر، جمهورية مصر العربية ،ھي ھڪ بين البراعظمي ملڪ آھي. آفريڪا جي اتر اوڀر ۽ ايشيا کنڊ جي سنائی اپٻيٽ علائقي ۾ ھڪ ملڪ آھي۔ مصر جي ايراضي 1،001،450 چورس ڪلو میٽر آھي۔ مصر جي سرحدن کي ڏٺو وڃي ته اولهه ۾ لیبیا، ڏکڻ ۾ سوڊان، اوڀر ۾ ڳاڙهو سمنڊ، اتر اوڀر ۾ فلسطين ۽ اسرائيل، اتر ۾ رومي سمنڊ يا ميڊيٽرينين سمنڊ آهن. مصر دنيا ۾ سڀ کان پھرين قومي رياست بڻجي ڏھ ھزار سال قبل مسيح ۾ ظاهر ٿيو.[5] ھن کي تھذيب جو پينگهو ٻہ چوندا آهن. غزاہ جو قديم قبرستان، اسفنڪس جو بت، ميمفس جا قديم آثار، ٿيبز، ڪرناڪ ۽ بادشاھن جي وادي ھن جي قديم تھذيب جا وڏا مثال آهن. جديد مصر 1922 ۾ برطانيہ کان آزادي ورتي.1952 واري انقلاب سان اھو ريپبلڪ آف ايجپٽ يا مصر بڻيو.1953 کان 1961 تائين شام سان گڏجي يونائيٽيڊ عرب ريپبلڪ بڻيو.1980 ۾ مصر ڪيمپ ڊيوڊ معاھدي ذريعي اسرائيل کي تسليم ڪيو. مصر جي آباديءَ جو سڀ کان وڏو حصو نيل درياء جي ڪنارن سان رھي ٿو. ھن ملڪ جي وڏي ايراضي صحارا رڻپٽ جو حصو آهي.
مصر جي عرب ريپبلڪ جمهورية مصر العربية
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "Bilady, Bilady, Bilady" "بلادي، بلادي، بلادي" "منھنجا وطن، منھنجا وطن، منھنجا وطن " | |||||
گادي جو هنڌ | قاھرہ ( Cairo ) 30°2′N 31°13′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | capital | ||||
دفتري ٻوليون | عربي[a] | ||||
قومي زبان | مصر جي عربي | ||||
مقامي آبادي | مصري يا اجپشن (Egyptian) | ||||
حڪومت | يونيٽري نيم صدارتي سسٽم | ||||
• صدر |
عبدالفتاح السيسي | ||||
• وزيراعظم |
شريف اسماعيل | ||||
مقننه | ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز
👈 مذهب:
👈آزادي جو ڏينهن: 28 فيبروري 1922 (برطانيہ کان) | ||||
آبادي | |||||
• 2017 اندازو |
سانچو:Data Egypt[1] (13th) | ||||
• 2017 مردم شماري |
94,798,827[2] | ||||
• گھاٽائي |
96 /km2 (248.6 /sq mi) (118th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.173 trillion[3] (21st) | ||||
• في سيڪڙو |
$12,560[3] (100th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$408.045 billion[4] (32nd) |