چيليابنسڪ آبلاسٽ
From Wikipedia, the free encyclopedia
چيليابنسڪ آبلاسٽ (انگريزي: Chelyabinsk Oblast ) روس جي آبلاسٽ يا صوبو جنھن کي روسي آئين ۾ فيڊرل سبجيڪٽ سڏيو ويو آهي. اھو يورال جبلن واري ريجن ۾ ايشيا ۽ يورپ جي سرحد تي واقع آهي[8][9][10][11]. ان جي گادي جو هنڌ چيليابنسڪ شھر آھي. ھن آبلاسٽ جي آبادي 2010ع ۾ 3,476,217 ھئي. آبادي جو 44.9 سيڪڙو عيسائي، 6 سيڪڙو مسلمان، 14.5 سيڪڙو ملحد، 29 سيڪڙو غيرمذھبي روحانيت پسنديءَ وارا شامل آهن. عيسائين ۾ اڪثريت آرٿوڊڪس وارا آھن جن مان روسي آرٿوڊڪس عقيدي وارا 30.9 سيڪڙو آھن. آبادي جو 83.8 سيڪڙو روسي نسل، 5.4 سيڪڙو تاتار نسل، 4.8 بشڪير، 1.5 يوڪريني نسل، 1.05 قزاخ نسل وارن جو آهي.
چيليابنسڪ آبلاسٽ | |||
---|---|---|---|
روس جي آبلاسٽ | |||
Chelyabinsk Oblast | |||
| |||
ترانو: چيليابنسڪ آبلاسٽ جو قومي ترانو | |||
جاگرافي بيهڪ: 54°32′N 60°20′E | |||
ملڪ | روس | ||
وفاقي ضلعو | يورال[1] | ||
معاشي ريجن | يورال معاشي ريجن[2] | ||
قيام | 17 جنوري 1934 | ||
گادي جو هنڌ | چيليابنسڪ شھر | ||
حڪومت | |||
• مجلس | مقننه[3] | ||
• گورنر[4] | اليڪسي ٽيڪسلر[5] | ||
پکيڙ[6] | |||
• ڪل | 88,900 ڪ.م2 (34,300 ميل2) | ||
پکيڙ ۾ درجو | 36th | ||
آبادي (2010 جي آدمشماري) | |||
• ڪاٿو
2018 [7] |
3,493,036 (+0.5%) |
آبلاسٽ ۾ 348 نديون اھڙيون وھن ٿيون جن جي ڊيگھ ڏھن ڪلوميٽرن کان وڌيڪَ ناھي. 17 اھڙيون آھن جن جي ڊيگھ 100 ڪلوميٽرن جي اندر آھي. 7 ندين جي ڍيگھ 200 ڪلوميٽرن جي ہ اندر آھي ل. سمورين ندين جي ڪل ڊيگھ 10235 ڪ م آھي. ھتي 3748 ننڍڙيون ۽ وڏيون ڍنڍون واقع آھن. آبلاسٽ جي چوڌاري حدن جي ڊيگھ 2,750 ڪ م آهي. اوبلاسٽ جو وڏو حصو يورال جبلن جي اوڀر ۾ واقع آهي. سويت يونين واري دؤر ۾ چيليابنسڪ شھر فوجي ٽئنڪن جي صنعت جو مرڪز ھيو. ان کي ٽئنڪن وارو شھر پڻ سڏيو ويندو هو.