چين جي عظيم ديوار
From Wikipedia, the free encyclopedia
چين جي عظيم ديوار چين جي هڪ قديم ديوار آهي . اها ديوار سيمينٽ ، پٿر ، سرن ۽ پاؤڊر واري مٽي مان ٺهيل آهي. اها سلطنت چين جي اتر واري ڀاڱي کي دشمن جي حملن کان بچائڻ لاءِ تعمير ڪئي وئي هئي..هيءَ ديوار هن وقت تائين انسان جي تعمير ڪيل سڀ کان ڊگهو ڍانچو آهي. هيءَ ديوار اٽڪل 21٬196 ڪلوميٽر (13٬171 ميل) ڊگهي ، 9.1 ميٽر (30 فٽ) ويڪري ۽ 15 ميٽر (50 فٽ) اوچي آهي. ديوار جو پهرين وارو حصو مٽي ۽ پٿر مان ٺهيل آهي. بعد ۾ منگ جي بادشاهي ۾ انهن سرون استعمال ڪيون. هتي 7000 واچ ٽاور آهن ، سپاهين لاءِ بلاڪ گهر ۽ دونهين وارا سگنل موڪلڻ لاءِ روشني جا منارا آهن.
اڻويهه ديوارون تعمير ڪيون ويون آهن جن کي چين جون عظيم ديوارون سڏيو ويندو هو. پهرين ديوار ستين صدي قبل مسيح ۾ تعمير ڪئي وئي. سڀ کان مشهور ديوار 226-200 ق.۾ جي وچ ۾ سلطنت چين جي پهرين شهنشاهه ڪنشي هانگ پاران قين سلطنت جي دور ۾تعمير ڪئي وئي ، . اهاديوار وڌيڪ نه رهي ڇاڪاڻ ماڻهو ان مان چوري ڪري ويندا هئا.. اها موجوده ديوار کان گهڻو پري اترئين طرف هئي.موجوده ديوار منگ خاندان جي دور ۾ تعمير ڪئي وئي. [1] (قن کي چن وانگر اچاريو ويندو آهي).