گوئينگڊانگ صوبو
From Wikipedia, the free encyclopedia
گوئينگڊانگ يا گئانگڊونگ (انگريزي: Guangdong )، جنھن کي ڪينٽن صوبو (انگريزي: Canton Province )، يا ڪوانگچنگ پڻ سڏيندا آهن. اھو عوامي جمهوريه چين جي ڏکڻ چين واري ريجن ۾، ڏکڻ چيني سمنڊ تي واقع ھڪ ساحلي صوبو آهي. ان جي آبادي 2018ع ۾ 11,34,60,000 ھئي[4]. صوبي جي پکيڙ 1,79,800 چورس ڪلوميٽر آهي. اھو 2005ع کان پوءِ آبادي ۾ چين جو سڀ کان وڏو صوبو آھي. ان کان اڳ ھينان صوبو پھرين نمبر تي ھيو. پکيڙ ۾ گوئينگڊانگ چين جو 15ھون وڏو صوبو آھي. ھن صوبو جي ڊي پي ۾ پڻ چين جو سڀ کان وڏو صوبو آھي. ان جي جي ڊي پي 200 ارب يو ايس ڊالر آھي. ھي صوبو دنيا جي چوٿين وڏي صوبائي معيشت ۾ شمار ٿئي ٿو.[4] پرل ندي ڊيلٽا وارو معاشي زون ۽ چيني مئگاپولس چين جي وڏي ٽيڪنالاجي، مينيوفيڪچرنگ ۽ پرڏيھي واپار جو مرڪز آھن. جيڪي پڻ ھن صوبي ۾ واقع آھن. صوبي جي گادي جو هنڌ گوانگجو ۽ ٻيو وڏو شھر شينجن ٻہ وڏا معاشي مرڪز آھن. شينجن چين جو سڀ کان پھريون مخصوص معاشي زون آهي. ٻئين شھر دنيا جي ميگا شھرن ۾ شامل آهن. ھن صوبي جي آبادي جو 92.7 سيڪڙو آبادي لامذھب ۽ روايتي مذھبن کي مڃيندڙ آھي[5]. گوئينگڊانگ ۾ ٻٽي پارٽي نظام ذريعي حڪومت ڪم ڪندي آهي جنھن ۾ صوبي جو نگران گورنر ھوندو آھي جنھن جي مٿان ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري نظر رکندو آھي. ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو اصل ۾ ھن صوبي جا حصا ھيا جيڪي برطانيا ۽ پورچوگال جي حوالي ٿيا ۽ ھاڻي انھن کي مخصوص انتظامي ريجن جو درجو ڏنل آهي.
گوئينگڊانگ صوبو Guangdong | |
---|---|
چيني صوبو | |
مٿان کان ھيٺ ۽ کاٻي کان ساڄي پاسي: گوانگجو ۾ ڪينٽن ٽاور، نينشن ڊسٽرڪٽ، شينجن جو افقي منظر، ھانگ ڪانگ-ژوھائي-ميڪائو پل، ڊينگزيا جبل جو منظر | |
گوئينگڊانگ صوبو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ: 23°24′N 113°30′E | |
ملڪ | عوامي جمهوريه چين |
نالو پيو | 广 = ڪشادو، ويڪرو، وسيع 东 = اوڀر لفظي معني: " وسعت جي اوڀر وارو پاسو (گئانگزي ان جو اولھ آھي) |
گادي جو هنڌ (۽ وڏي ۾ وڏو شھر) |
گوانگجو |
انتظامي ورهاست | 21 پريفيڪچر، 121 ڪائونٽيون، 1642 ٽائون شپ |
حڪومت | |
• قسم | صوبائي حڪومت |
• مجلس | گوئينگڊانگ صوبائي پيپلز ڪانگريس |
• چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | لي شي |
• صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | Li Yumei |
• گورنر | Ma Xingrui |
• پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين | وئينگ رانگ |
پکيڙ[1] | |
• ڪل | 179,800 ڪ.م2 (69,400 ميل2) |
پکيڙ ۾ درجو | پکيڙ ۾ 15ھون نمبر وڏو صوبو |
بلند ترین پیمائش (شڪينگڪانگ) | 1,902 ميل (6,240 ft) |
آبادي (2018)[2] | |
• ڪل | 113,460,000[3] |
• ڪاٿو
2019 |
115,210,000 |
گوئينگڊانگ صوبو | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
لفظ گوئينگڊانگ آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون) | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
آسان چیني | 广东 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
روایتي چیني | 廣東 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
لغوي معنیٰ | "اوڀرائين وسعت" | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
اختصار | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
آسان چیني | 粤 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
روایتي چیني | 粵 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
لغوي معنی | ڏکڻ چين جي بائيو جو قديم نالو | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
|