گوڏي جي آرٿروپلاسٽي
From Wikipedia, the free encyclopedia
گوڏي جي آرٿروپلاسٽي(انگريزي: knee arthroplasty) يا گوڏي جي تبديلي (انگريزي: Knee replacement ) ھڪ جراحي يا سرجري جو اھڙو پروسيجر آهي جنھن ۾ سور ۽ معذوري هي ختم ڪرڻ لاء گوڏي جي جوڙ جا وزن برداشت ڪندڙ حصا تبديل ڪيا ويندا آهن. اھا اڪثر آسٽئو آرٿرائيٽس [1] ۽ ٻين گوڏن جي بيمارين ۾ ڪئي ويندي آهي جن ۾ رھيوميٽئائڊ آرٿرائيٽس پڻ شامل آهي. اھا سرجري جزوي تبديلي جي بہ ٿي سگھندي آهي ۽ مڪمل تبديلي جي بہ. [2] سرجري ۾ بيماري ورتل يا خراب ٿيل جوڙن جي حصن کي پلاسٽڪ يا ڌاتو جي ٺھيل حصن سان تبديل ڪري جوڙن کي چرپر جي قابل بڻايو ويندو آهي. ھن سرجري کان پوء مريض کي ڪافي سور جي تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي آهي ۽ توانو ٿيڻ ۾ ڪافي ھمٿ کان ڪم وٺڻو پوندو آهي. صحتيابي ۾ ڇھ ھفتا يا وڌيڪ وقت لڳندو آهي ۽ گھمڻ ۾ واڪنگ فريم ، بيساکين وغيره جي ٽيڪي جي ضرورت پڻ پوندي آهي.[3] ھڪ تخميني مطابق گوڏن جي تبديلي جي ٽوٽل جو 82 سيڪڙو 25 سالن تائين ڪم ڪندو آھي. [4]
گوڏي جي آرٿروپلاسٽي | |
---|---|
گوڏي جي مڪمل تبديلي | |
ٻيا نالا | گوڏي جي تبديلي |
آء سي ڊي-10 پي سي ايس | 0SRD0JZ |
آء سي ڊي-9+سي ايم | 81.54 |
MeSH | D019645 |
MedlinePlus | 002974 |
برقي ميڊيسن(eMedicine) | 1250275 |
ھن قسم جي سرجري انھن مريضن جي ٿيندي آھي جن جو رواجي علاج ممڪن نہ رھيو ھجي ۽ انھن ۾ آسٽئو آرٿرائيٽس جي بگاڙ آخري سطح تي پھچي .[5] [6]