سائرس اعظم جو مقبرو
From Wikipedia, the free encyclopedia
سائرس اعظم جو مقبرو ((فارسي: آرامگاه کوروش بزرگ, انگريزي: The Tomb of Cyrus)) ايران جي قديم هخامنشي يا اھڪيمنيد سلطنت (Achaemenid Empire) جي باني سائرس ٻئي (Cyrus II) جي آخري آرامگاھ آھي. سائرس ٻئي کي ايراني تاريخ ۾ ڪوروش بزرگ يا ڪوروش ڪبير جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ھن کي عام طور تي سائرس اعظم (Cyrus the Great) جي نالي سان بہ ياد ڪيو وڃي ٿو. ھن بادشاھ جو مقبرو ايران جي فارس صوبي ۾ پاسارگاد (Pasargadae ) جي کنڊرن ۾ موجودھ شيراز شھر کان اٽڪل 60 ميل اتر اولھ ۾ موجود آھي.
سائرس اعظم جو مقبرو فارسي: آرامگاه کوروش بزرگ | |
---|---|
مقام | پاسارگاد، ايران |
ٺھيو | ڇھين صدي ق.م |
ھن مقبري جو ذڪر مشھور يوناني تاريخدان آرين (Arrian) جي قديم لکڻين ۾ ملي ٿو. انھن لکڻين جي مدد سان انگريز ليکڪ جيمس جسٽينين مورئر (James Justinian Morier) ھن جي وڌيڪ تحقيق ڪئي[1]. ھن مقبري جي خاص ڳالھ ھيءَ آھي تہ ھن جو بنياد ايترو تہ مضبوط ٺاھيو ويو آھي جو وڏا وڏا زلزلا بہ ھن کي لوڏي نہ سگھيا آھن[2]. ھي ايران جي مکيہ ثقافتي ورثي وارو ھنڌ آھي[3]. سائرس اعظم جي وفات کان اٽڪل 200 سال پوءِ سڪندراعظم بہ ھن مقبري جو دورو ڪيو ھو. يوناني تاريخ نويس اسٽرابو (Strabo) لکي ٿو تہ سڪندراعظم تخت جمشيد تي حملو ڪري ان کي نيست ۽ نابود ڪرڻ کان پوءِ سائرس جي مقبري جو دورو ڪيو. ھن پنھنجي ھڪ جنگجو سالار ارسطوبلس کي حڪم ڏنو تہ مقبري ۾ اندر گھڙي وڃي. جڏھن ھو اندر داخل ٿيو تہ ھن کي مقبري اندر ھڪ سونو بسترو، ھڪ ميز جنھن تي پاڻي پيئڻ جو سامان رکيل ھو، ھڪ سون جي ٺھيل ميت جي ڏولي، ڪجهه قيمتي زيور ۽ مقبري تي لکيل ڪجهه تحريرون ڏسڻ ۾ آيون[4]. روايتن مطابق مقبري اندر ھڪ ڪتبي تي لکيل ھو تہ ”اي واٽهڙو! آءٌ اهو ايشيا جو عظيم بادشاهه آهيان جنهن پرشن سلطنت جوڙي. ان ڪري منهنجي هن معمولي مقبري تي حسد نه ڪر جنهن جي مٽيءَ هيٺ منهنجو لاش دٻيل آهي“[5]،[6]. اھو ڪتبو ھن وقت غائب ٿي ويو آھي.