ايران
اولھ ايشيا ۾ ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
ايران (Iran) اسلامي جمهوريا ايران (Jomhuri-ye Eslāmi-ye Irān)، ايشيا ۾ واقع آهي. ايران کي فارس ءِ سرڪاري طور تي اسلامي جمهوريا ايران پڻ سڏيو ويندو آهي جيڪو اولھہ ايشياءَ ۾ واقعي آهي.جنهن جو سرحدون اتر اوله ۾ امريڪا ،آذربائيجان،ڪاذڪستان ءِ روس سان لڳن ٿيو. اتر۔اولھہ ۾ ترڪمانستان، افغانستان ء پاڪستان سان جڏهن ته ڏکڻ ۾ فارس جی نار ء اومان ءِ اولھہ ۾ ترڪي ۽ عراق سان لڳن ٿيو. ايران جو مجموعي رقبو 16,48,195 چورس ڪلوميٽر آهي، جيڪو وچ اوڀر جو ٻيو وڏو ملڪ ءِ دنيا جو 18ھون وڏو ملڪ آهي ءِ آباديءَ جي لحاظ سان 17ھون وڏو ملڪ آهي. هن وقت سرڪار جو گاديءَ وارو شهر ’تهران‘ آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين مشهور شهرن ۾ اصفهان، شيراز، تبريز ۽ مشهد شامل آهن، جيڪي مختلف وقتن تي، ايران جا گادي جا هنڌ رهيا آهن.
اسلامي جمھوريہ ايران Islamic Republic of Iran جمهوری اسلامی ایران (فارسي) Jomhuri-ye Eslāmi-ye Irān | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: ' استقلال، آزادی، جمهوری اسلامی Esteqlāl, Āzādi, Jomhuri-ye Eslāmi خودمختياري، آزادي ، اسلامي جمھوريہ | |||||
ترانو: سرود ملی جمهوری اسلامی ایران Sorud-e Melli-ye Jomhuri-ye Eslāmi-ye Irān ("National Anthem of the Islamic Republic of Iran") | |||||
گادي جو هنڌ | تھران 35°41′N 51°25′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | تھران | ||||
دفتري ٻوليون | فارسي | ||||
تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | #فارسي(%53 )
(قشقائي ،ترڪماني ) شامل آهن | ||||
نسلي گروھ | * فارسي(%61) | ||||
مذهب | سرڪاري مذھب اسلام:
| ||||
مقامي آبادي | ايراني فارسي(تاريخي) ايرانين(يورپي ٻولين ۾) | ||||
حڪومت | يونيٽري صدارتي اسلامڪ ريپبلڪ ديني رياست يا ٽوٽليٽيرين رياست | ||||
• ايران جو سپريم ليڊر |
علي خامنائي | ||||
• ايران جو صدر |
حسن روحاني | ||||
• ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر |
علي لاريجاني | ||||
• ايران جو چيف جسٽس |
صادق لاريجاني | ||||
اڪسپيڊينسي ڊسسرنمينٽ ڪائونسل
گارجين ڪائونسل آف ايران | |||||
اسلامڪ ڪنسلٽيٽو اسيمبلي | |||||
يونيفڪيشن | |||||
• ميڊين ايمپائر |
c. 678 BC | ||||
• اڪئمنيڊ ايمپائر |
550 BC | ||||
• پارٿين ايمپائر |
247 BC | ||||
• ساساني ايمپائر |
224 AD | ||||
• باعد ايمپائر |
934 AD | ||||
• صفوي ايمپائر |
1501 | ||||
• اسلامڪ ريپبلڪ |
1 April 1979 | ||||
• موجودہ آئين |
24 October 1979 | ||||
• ايراني آئيني ريفرنڊم |
28 July 1989 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
1٬648٬195 km2 (636٬372 sq mi) (17th) | ||||
• پاڻي (%) |
7.07 | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
81,672,300[1] (18th) | ||||
• گھاٽائي |
48 /km2 (124.3 /sq mi) (162nd) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.749 trillion[2] (18th) | ||||
• في سيڪڙو |
$21,241[2] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$438.3 billion[2] (27th) |
ايشيا کنڊ جو مشهور ملڪ ء جي پراڻي تهذيبن مان آهي. اتر ۽ اولهه وارا حصا، جابلو ايراضيءَ وارا آهن؛ اتر ڏانهن، ’البرز‘ ۽ ’دماوند‘ اتانهيون جابلو چوٽيون آهن. ايران جو گهڻو حصو صحرائي (رڻ پٽ) آهي. هڪڙي ريلوي لائين، ايراني نار کان هلي قزوين سمنڊ (Caspian Sea) تائين ويندي آهي؛ ٻي مشهد کي تهران سان ملائي ٿي. سڄي ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇايل آهي. هتي ميوو جام ٿيندو آهي، خاص ڪري انگور، بادام، صوف ۽ شفتالو وغيره جام پوکبا آهن. ڪڻڪ، چانور، تماڪ ۽ پُست جي ڏوڏي پڻ پوکبي آهي. ملڪ جي آمدني جو وڏو ذريعو تيل (پيٽرول) آهي.