جاپان
From Wikipedia, the free encyclopedia
جاپان (انگریزي: Japan؛ (جاپاني:日本)، اڀرندڙ سج جي زمين جي نالي سان مشهور، اهو ايشيا جي بلڪل اوڀر ۾ هڪ ڊگهي لڪير، جيڪا اتر کان ويندي ڏکڻ ۾ ختم ٿي تي، وانگر واقع، هڪ ٻيٽ ملڪ آهي. اھو اتر اولهه پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ اولهه ۾ جاپان جي سمنڊ سان لڳل آهي، اتر ۾ اوخوٽسڪ سمنڊ کان فلپائن سمنڊ، اوڀر چين سمنڊ ۽ ڏکڻ ۾ تائيوان تائين پکڙيل آهي. جاپان رنگ آف فائر Ring of Fire جو هڪ حصو آهي ۽ 14,125 ٻيٽن تي مشتمل هڪ آرڪيپيلاگو تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ پنج مکيه جزائر هوڪيدو، هونشو، شيڪوڪو، ڪيوشو ۽ اوڪيناوا آهن. ٽوڪيو ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي، جنهن کانپوءِ يوڪوهاما، اوساڪا، ناگويا، ساپورو، فوڪوڪا، ڪوبي ۽ ڪيوٽو آهن.
رياست جپان 日本国 Nippon-koku نپن-ڪوڪو | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ايشيائي نقشي۾ ڏيکاريل سائي رنگ ۾ جپان_ تيز رنگ ان جا ڪنٽرول وارا علائقا ۽ ھلڪو رنگ ڪنٽرول کان ٻاهر وارا علائقا ڏيکاري ٿو جن جو جپان دعويدار آهي | |||||
گادي جو هنڌ | ٽوڪيو[4] 35°41′N 139°46′E | ||||
دفتري ٻوليون | ڪا بہ نہ [5] | ||||
تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | يارھن زبانون [6]
| ||||
قومي زبان | جاپاني زبان [5] | ||||
نسلي گروھ (2011[7]) |
| ||||
مذهب |
| ||||
مقامي آبادي | جيپنيز | ||||
حڪومت | يونيٽري پارلياماني سسٽم ۽ آئيني بادشاهت | ||||
• شھنشاھ |
Naruhito | ||||
• وزيراعظم |
شينزو ابئي | ||||
• نائب وزيراعظم |
تارو آسو | ||||
مقننه | نيشنل ڊائٽ | ||||
ھائوس آف ڪائونسلرز | |||||
ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز | |||||
چاپاني تاريخ | |||||
• قيام جو قومي ڏينھن |
February 11, 660 BCE[9] | ||||
• ميجي وارو آئين |
November 29, 1890 | ||||
• موجودہ آئين |
May 3, 1947 | ||||
• سان فرانسسڪو وارو معاھدو |
April 28, 1952 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
377٬972 km2 (145٬936 sq mi)[10] (61st) | ||||
• پاڻي (%) |
0.8 | ||||
آبادي | |||||
• 2017 مردم شماري |
126,672,000[11] (10th) | ||||
• گھاٽائي |
336 /km2 (870.2 /sq mi) (36th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$5.420 trillion[12] (4th) | ||||
• في سيڪڙو |
$44,246[12] (27th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$4.841 trillion[12] (3rd) |
Japan | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
لغوي معنیٰ | State of Japan | ||||||
جاپانی نام | |||||||
کانجی | 日本国 | ||||||
Hiragana | にっぽんこく にほんこく | ||||||
Kyūjitai | 日本國 | ||||||
|
جاپان جي آبادي ساڍا 12 ڪروڙ (125 ملین) آهي ۽ دنيا جو 11هون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي. اهو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گنجان آبادي واري ملڪ مان هڪ آهي. ملڪ جي ايراضيءَ جو اٽڪل ٽي چوٿون حصو جبلن تي مشتمل آهي، جنهن جي تمام گهڻي شهري آبادي تنگ ساحلي ميدانن تي آهي. جاپان 47 انتظامي صوبن ۽ اٺ روايتي علائقن ۾ ورهايل آهي. گريٽر ٽوڪيو ايريا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ميٽروپوليٽن علائقو آهي. جاپان ۾ دنيا جي بلند ترين زندگي جي اميد آهي. جيتوڻيڪ، ان جي تمام گهٽ ڄمڻ جي شرح جي ڪري آبادي جي گهٽتائي جو تجربو آهي.
جاپان اپر پيلو ليٿڪ (Paleolithic) دور (30,000 ق.م) کان وٺي آباد آهي. چوٿين ۽ نائين صدي عيسوي جي وچ ۾، جاپان جون سلطنتون هڪ شهنشاهه جي ماتحت ٿي ويون ۽ هيان۔ڪيو ۾ شاهي دربار قائم ڪیو. 12هين صديءَ جي شروعات ۾، سياسي اقتدار فوجي آمرن (شوگن) ۽ جاگيردارن (ڊيميو) جي هڪ سلسلي جي قبضي ۾ هو ۽ جنگي سردارن (ساموري) جي هڪ طبقي طرفان نافذ ڪيو ويو. هڪ صديءَ جي گهرو ويڙهه کان پوءِ، ملڪ کي سال 1603ع ۾ ٽوڪوگاوا شوگنيٽ تحت ٻيهر متحد ڪيو ويو، جنهن هڪ ڌار ڌار پرڏيهي پاليسي جوڙي. سال 1854ع ۾ آمريڪا جو هڪ بحري بيڙو اچي جاپان کي اولهه (یورپ، آمريڪا) ڏانهن واپار کولڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن سبب شوگنيٽ حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ 1868ع ۾ شاھي حڪومت بحال ٿي. ميجي دور ۾، جاپان جي سلطنت مغربي نموني وارو آئين اختيار ڪيو ۽ صنعتڪاري ۽ جديديت جي پروگرام تي عمل ڪيو. ملٽري ازم ۽ غير ملڪي نوآباديات نظام ۾ اضافي جي وچ ۾، جاپان سال 1937ع ۾ چين تي حملو ڪيو ۽ سال 1941ع ۾ هڪ محوري طاقت (جرمني ۽ ترڪي جي گڏ) جي طور تي ٻي عالمي جنگ ۾ داخل ٿيو. پئسفڪ جنگ ۾ شڪست ۽ ٻن ايٽمي حملن کان پوءِ (آمريڪا جاپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٻه ايٽم بم ڪيرايا)، جاپان سال 1945ع ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ 7 سالن جي اتحادي قبضي هيٺ آيو، جنهن دوران هن هڪ نئون آئين اختيار ڪيو.
سال 1947ع جي آئين جي تحت، جاپان هڪ گڏيل پارلياماني آئيني بادشاهت کي برقرار رکيو آهي، جنهن ۾ هڪ ٻه رڪني قانون ساز، ڊائٽ (قومي اسيمبلي) آهي. جاپان هڪ ترقي يافته ملڪ آهي ۽ هڪ عظيم طاقت آهي، جیڪا عام (Nominal) جي ڊي پي (GDP) جي لحاظ کان وڏي معيشتن مان هڪ آهي. جاپان جنگ جو اعلان ڪرڻ جي حق کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ اهو پنھنجي دفاعي قوت برقرار رکي ٿو جيڪو دنيا جي مضبوط ترين فوجين مان هڪ آهي. گاڏين، روبوٽڪس ۽ اليڪٽرانڪس جي صنعتن ۾ هڪ عالمي اڳواڻ، ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي برآمد ۽ درآمد ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي. اهو ڪيترن ئي وڏن بين الاقوامي ادارن جو حصو آهي. جاپان هڪ ثقافتي سپر پاور آهي ڇو ته جاپان جي ثقافت سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، جنهن ۾ ان جي فن، کاڌي، فلم، ميوزڪ، ۽ مشهور ثقافت شامل آهي، جنهن ۾ ممتاز مانگا، انيميشن فلم (anime) ۽ وڊيو گيم انڊسٽري شامل آهن.