جرمني
وچ اولھ يورپ جو ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
جرمني، سرڪاري نالو فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني يا وفاقي جمهوريه جرمني، يورپ کنڊ ۾ ھڪ ملڪ آھي.(جرمن: Bundesrepublik Deutschland, ٻُڌڻ (مدد·ڄاڻ)),[lower-alpha 1][2] ھي وچ اولھ يورپ جي وفاقي پارلياماني جمھوريت وارو ملڪ آهي. ان جي وفاق ۾ 16 آئيني رياستون شامل آھن. ان جي پکيڙ 357022 ھم چورس ڪلوميٽر (137847 ھم چورس ميل) آھي, جنھن ۾ 348672 ھم چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 8350 ھم چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي.ان جي ساحلي سرحد 2389 ڪلوميٽر آهي. روس کانپوءِ آبادي ۾ ھي يورپ جو ٻيون وڏو ملڪ آهي. ھن جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 8،05،94،017 ھئي. ھن جي موسم زياده تر ٽيمپريٽ يا معتدل يا گھٽ گرميءَ واري آھي. ھن جو وڏي ۾ وڏو شهر ء گاديءَ جو هنڌ برلن آهي. ھن جو سڀ کان وڏو ڳتيل آباديءَ وارو علائقو رھر (Ruhr) آهي جتان جا مرڪزي شهر ڊارٽمنڊ ۽ آئسن آھن. جرمني يورپي يونين جو سڀ کان وڏو آبادي وارو ملڪ آهي. ان جا ٻيا وڏا شھر ھئمبرگ(شھر)، ميونخ، ڪولون ، فرينڪفرٽ، اسٽٽگارٽ، ڊزلڊورف، ليپزگ، بريمن، ڊريسڊن، ھنور ۽ نورمبرگ آھن.
جرمني | |
Federal Republic of Germany | |
Bundesrepublik Deutschland | |
جرمن صدر: | فرينڪ-والٽر |
جرمن چانسلر: | انجيلا مرڪل |
دارالحڪومت: | برلن |
محل وقوع: | 357,021 km² |
آبادی: | 82,800,000 (2016ع) |
سرڪاري ٻولي: | جرمن[1] |
ڪرنسي: | يورو |
قومي ترانو: | |