سعدي شيرازي
فارسي شاعر / From Wikipedia, the free encyclopedia
ابو محمد مصلح الدين بن عبدالله شيرازي(انگريزي: Abū-Muhammad Muslih al-Dīn bin Abdallāh Shīrāzī) فارسي جو مشھور شاعر ھيو جنھن جو تخلص سعدي ھيو جيڪو شيخ سعدي ۽ سعدي شيرازي جي نالي سان مشهور ٿيو[2][3]. کيس استاد سخن پڻ سڏيندا هئا. ھن جو لکيل ڪتاب بوستان دنيا جي ھڪ سؤ مشھور نالي وارن ڪتابن مان ھڪ آھي [4] سندس جنم 1213ع کان 1219ع جي وچ ۾ موجوده ايران جي شھر شيراز ۾ ٿيو[5]
شيخ سعديءَ جو استاد علامه ابن الجوزيؒ آهي شيخ سعدي ممتاز فارسي شاعر ۽ صوفي بزرگ هيو[6]. سندس تعلق ديني گھراڻي سان ھيو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد وفات ڪري ويو جنھن بعد سندس پرورش نانيءَ ڪئي [7] شيراز ۾ تعليم پوري ڪري بغداد جي ان دور جي يونيورسٽي نظاميه ۾ داخل ٿيو جتي ھن فقه، تاريخ ، اسلامي دينيات ۽ فارسي ادب جي تعليم حاصل ڪئي. خوارزم ۽ ايران تي منگولن جي حملن واري صورتحال ڪري ھن زندگي جا 30 سال ٻاھر گذاريا جن ۾ ھي اناطوليه ۾ ڪونيا، اڊانه جي بندرگاھ، شام ۾ دمشق حلب، مصر ۾ قاھرہ، عراق ۾ بصرا جا سفر ڪيا. کيس صليبين فلسطين ( موجوده اسرائيل) ۾ گرفتار ڪري غلام بڻائي ڇڏيو جتي عڪا نالي شھر ۾ ست سال عڪا جي قلعي جي چوڌاري خندق کوٽڻ ۾ گذاري جنھن بعد مملوڪن کيس ڀنگ عيوض ٻين قيدين سميت آزاد ڪرايو. ھن يروشلم جو چڪر لڳايو ۽ مڪي پڻ ويو جتي حج ادا ڪيائين ۽ مديني جي زيارت ڪيائين[8].
مصلح الدين مشرف ابن عبدالله شيرازي | |
---|---|
مغل مسودي گلستان (1645ع) ۾ گلابن جي باغ ۾ سعدي ساڄي پاسي تي ڏيکاريل | |
پيدائش | 1210[1] شيراز، خوارزمي ايمپائر |
وفات | 1291 يا 1292[1] شيراز، الخانيٽ |
مذھب | اسلام |
مڪتبه فڪر | فارسي شاعري, فارسي ادب |
شعبه عمل |
شاعري, تصوف, اخلاقيات، منطق، صوفي ازم |
سعدي 1257ع (655ھ) کان اڳ شيراز موٽي آيو جتي ھن پنھنجو مشھور ڪتاب بوستان لکي مڪمل ڪيو. فيبروري 1258 ۾ ھلاڪو جي حملي ۾ بغداد جي زوال ۽ عباسي خلافت جي خاتمي جو ڏک ھن پنھنجي شاعري ۾ ظاهر ڪيو. شيراز ۾ واپسي وقت فارس جو اتابڪاني حاڪم ابوبڪر ابن سعد زنگي ھيو جنھن ھن جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس وڏي عزت بخشي.