عزير حاجيبايوف
آذربائيجاني موسيقي ڪمپوزر / From Wikipedia, the free encyclopedia
عزير حاجيبايوف عزير حاجيبايوف اوزير بيع عبدالحسين اوغلو حاجيبيوف (آذربائيجاني: Üzeyir bəy Əbdülhüseyn oğlu Hacıbəyov , az[yzeˈjiɾ hɑdʒɯˈbæjov] / عزیر حاجیبیوو; Russian: Узеир Абдул-Гусейн оглы Гаджибеков؛ سيپٽمبر 18، 1885 - نومبر 23، 1948) هڪ روسي سوويت ڪمپوزر راڳ جو ايجاد ڪندڙ, موسيقي اڳواڻ, پبلسٽ, ڊراما نويس, ماستر, ترجمو ڪندڙ(مترجم) ۽ سماجڪ شخص آذربائيجان جو اصلوڪو رهاڪو هو. هن کي آذربائيجان سان لاڳاپيل ڪلاسيڪي موسيقي ۽ اوپيرا ڪمپوز ڪرڻ جي حيثيت ۾ باني طور سڃاتو وڃي ٿو. اوزير حاجيبايوف جمهوريا آذربائيجان جي قومي تراني جي موسيقي تيار ڪئي هئي (جنهن کي سال 1991 کانپوءِ آذربائيجان جي سوويت يونين کان آزاديءَ کانپوءِ ٻيهر اختيار ڪيو ويو هيو). ھن سوويت يونين واري دور ۾ آذربائيجان جي استعمال ھيٺ آذربائيجاني ترانو پڻ هن تيارڪيو هيو. هيءُ اسلامي دنيا ۾ سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) جو پهريون موسيقار هو.[1][2] سنگيت ناٽڪ (اوپيرا، اھو ناٽڪ جنهن ۾ ڊائلاگ نه ھجن پر ڪنهن گيت يا بيت تي اداڪاري ٿئي).[3] 1908 ۾ عزير پنهنجو پهريون سنگيت ناٽڪ (اوپيرا)، ليلا ۽ ماجنون (عربي ٻوليءَ جي "ليلا ۽ مجنون" آکاڻي جي بنياد تي) لکيو. جيڪو هن ناٽڪ ميڪم ميوزڪ کي ٻنهين ثقافتن جي موسيقي سازن کي ڪم آڻيندي هڪ مغربي انداز ۾ تيار ڪيو هيو.
Uzeyir Hajibeyov Üzeyir bəy Hacıbəyov | |
---|---|
حاجيبايوف 1945 ۾ | |
پس منظري معلومات | |
معروفيت | Uzeyir Hajibeyli |
پيدائش | سيپٽمبر 18 1885(1885-09-18) اگجبادي, روسي شهنشاهت |
تعلق | آذربائيجان |
وفات | نومبر 23, 1948 (عمر 63 سال) باڪو, آذربائيجان سوويت سوشلسٽ جمهوريت, يو ايس ايس آر |
صنف | ڪلاسيڪل |
پيشا | ڪمپوزر ڪنهن راڳ جو ايجاد ڪندڙ, موسيقي اڳواڻ, پبلسٽ, ڊراما نويس, ماستر، معلم، پاڙهيندڙ, ترجمو ڪندڙ(مترجم) |
سرگرم سال | 1904–1948 |
ويبسائيٽ | www.hajibeyov.com |