پاڪستان ۾ جمھوريت
From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان هڪ جمهوري عمل ذريعي وجود ۾ آيو ۽ هن وقت به چونڊيل جمهوري حڪومت آهي، پر هتي جمهوريت کي پير پختا ڪرڻ لاءِ وڏو عرصو لڳو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪي تاريخ ۾ چونڊيل حڪومتن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ فوجي سربراهن جي سياست ۾ مداخلت ۽ اقتدار تي قبضي سبب ملڪ ۾ سياسي توڙي سماجي سطح تي مونجهارا ۽ رڪاوٽون پيش آيون.