پاڪستان
ڏکڻ ايشيا ۾ ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
اسلامي جمھوريه پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا جي ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي. ان جون سرحدون اوڀر ۾ انڊيا، ڏکڻ اولھ ايران، اتر اولھ ۾ افغانستان ۽ اتر اوڀر ۾ چين سان ملن ٿيون. ان جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقع آهي. پاڪستان جي آبادي 207770000 آھي. اھو آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو پنجون نمبر وڏو ملڪ ۽ اسلامي ملڪن ۾ انڊونيشيا کان پوء ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي. ان جي پکيڙ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت 880٬940 km2 (340٬130 sq mi) آھي. پکيڙ م ھي ملڪ دنيا جو 34ھون وڏو ملڪ آهي. دنيا ۾ ستين وڏي فوج پاڪستان وٽ آهي. پاڪستان جي گادي جو هنڌ 1960ع تائين ڪراچي ھيو جنھن بعد نئون شھر اسلام آباد ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. پاڪستان جي آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شھر ڪراچي ۽ ٻئين نمبر تي لاھور آھي. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو. 23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان ريپبلڪ بڻيو ۽ کيس اسلامي جمھوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ڪشمير ھڪ تڪراري علائقو آهي جنھن تي ٻنھي ملڪن وچ ۾ جنگون پڻ لڳي چڪيون آهن.
قومي جانور | مارخور | |
---|---|---|
قومي پکي | چڪور | |
قومي وڻ | سيڊرس ديودارا | |
قومي گل | گل ياسمين | |
قومي ورثي وارو رياستي جانور | برفاني چيتو | |
قومي ورثي وارو رياستي پکي | شاھين باز | |
پاڻي وارو قومي جانور | سنڌوندي واري ڊالفن | |
قومي ريڙهيون پائيندڙ جاندار | سنڌوندي جو واڳون | |
قومي مڇي | سونھري مھسير | |
قومي خشڪي۽ ہاڻي وارو جانور | سنڌو ماٿري وارو ڏيڏر | |
قومي پوپٽ | ھندي واڱڻائي شھنشاھ | |
قومي ميوو | انب | |
قومي پوک | ڪمند | |
قومي مشروب | ڪمند جي رس | |
قومي ڀاڄي | ڀينڊي | |
قومي طعام | پاڪستاني برياني (وڏي گوشت واري) | |
قومي راند | ھاڪي (ميداني) | |
قومي لباس | سلوار قميص | |
قومي مسجد | فيصل مسجد، اسلام آباد | |
قومي مقبرو | مزار قائد، ڪراچي | |
قومي ندي | سنڌوندي | |
قومي جبل | ڪي 2 | |
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
اسلامي جمھوريه پاڪستان | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
پاڪستاني اختيار وارو علائقو چٽي سائي رنگ سان ڏيکاريل ۽ اختيار کان ٻاهر علائقو ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل | |||||
گادي جو هنڌ | اسلام آباد 33°40′N 73°10′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ڪراچي 24°51′36″N 67°00′36″E | ||||
دفتري ٻوليون | اردو[3][4][5][6][7] انگريزي | ||||
تسلیم ٿيل قومي ٻولي | اردو | ||||
مقامي ٻوليون | پنجابي، سنڌي، پشتو، سرائڪي, بلوچي، ڪشميري، براھوي، شينا، بلتي، کووار، بروشسڪي، يدغه، داميلي، ڪيلاشه، گوار-باتي، ڊوماڪي[8] | ||||
نسلي گروھ (2016) | 44.68% پنجابي 15.42% پختون 14.1% سنڌي 8.38% سرائڪي 7.57% اردو ڳالهائيندڙ سنڌي 3.57% بلوچ<1.85 %سانچو:هندو br/>6.28% ٻيا[9] | ||||
مذهب | 96.4% اسلام (سرڪاري)
3.6% ۽ ٻيا[9] | ||||
مقامي آبادي | پاڪستاني | ||||
حڪومت | وفاقي پارليامينٽري آئيني جمھوريت | ||||
• صدر |
عارف علوي | ||||
• وزيراعظم |
ميان شهباز شريف | ||||
• سينيٽ جو چيئرمين |
صادق سنجراڻي | ||||
• قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر |
راجا پرويز اشرف | ||||
• چيف جسٽس |
جسٽس گلزار احمد | ||||
مقننه | مجلس شورہ | ||||
سينيٽ | |||||
قومي اسيمبلي | |||||
آزادي يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان | |||||
29 ڊسمبر 1930ع | |||||
• ٺھراءُ |
28 جنوري 1933ع | ||||
• ٺھراءُ |
23 مارچ 1940 | ||||
• ڊومينين |
14 آگسٽ 1947ع | ||||
• ريپبلڪ جو قيام |
23 مارچ 1956ع | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
881٬913 km2 (340٬509 sq mi)[lower-alpha 1][12] (33ھون) | ||||
• پاڻي (%) |
2.86 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
201,995,540[9] (6ھون) | ||||
• گھاٽائي |
244.4 /km2 (633.0 /sq mi) (56ھون) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2016 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$984.205 ارب ڊالر[13] (25ھون) | ||||
• في سيڪڙو |
$5,084[13] (137ھون) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2015 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$270.961 ارب ڊالر [13] (43ھون) |