ڪابل جي لڙائي (1992 کان 1996)
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪابل جي لڙائي (انگريزي: Battle of Kabul) ڪابل شهر ۾ 1992ع کان 1996ع تي ٿيندڙ مختلف لڙاين ۽ گھيراءُ جو نالو آهي.
افغان جنگ (1992 کان 1996) | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
سلسلو افغان گھرو ويڙهه | ||||||||
ڪابل 1993ع ۾ | ||||||||
| ||||||||
شريڪ جنگ | ||||||||
|
حزب الاسلامي (1994ع تائين) حزب الوحدت (ڊسمبر 1992ع کان پوءِ) جنبش ملي (جنوري 1994ع کان آگسٽ 1994ع تائين) مدد ازبڪستان |
طالبان (1994ع جي پڇاڙي کان) | ||||||
سپهہ سالار ۽ رهنما | ||||||||
بهران الدين رباني |
گلبدين حڪمت يار (1995ع تائين) |
محمد رباني (1996ع ۾ طالبان وزير اعظم ۽ ڪمانڊر) عبدالرزاق آخوند زاده (1996ع ۾ طالبان ڪمانڊر) اسامه بن لادن | ||||||
طاقت | ||||||||
25,000 (1996ع ۾) | ||||||||
حزب الوحدت، اسلامي حڪوت افغانستان سان سندس زوال 1999ع تائين ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هي حزب الاسلامي سان مليا. رشيد دوستم جيڪو اڳ احمد شاهه مسعود جو اتحادي هو، اهو 1994ع تي وڃي حڪمت يار سان مليو. حرڪت اسلامي جماعت اسلامي سان اتحاد ۾ رهي ۽ هن جي مخالف قوت اتحاد اسلامي هئي، پر ڪن موقعن تي هنن جو حزب الوحدت سان پڻ جڙپون ٿيون.اسلامي رياست افغانستان ۽ مسعود 1995ع ڌاري ڪابل جي گھڻي حصي تي قبضو ڪري ورتو. پاڪستان 1995ع ۾ حڪمت يار جي مدد بند ڪئي ۽ طالبان کي مدد ڏيڻ شروع ڪيو. پاڪستان جي مدد کان سواءِ ۽ طالبان جي اچڻ سبب، حڪمت يار اسلامي رياست افغانستان خلاف جنگ ختم ڪيو. |
1979ع کان 1989ع تائين افغانستان ۾ سوويت جنگ جي دوران، گھرو ويڙهه سبب ڪابل پڻ متاثر ٿيو. اپريل 1992ع ۾، محمد نجيب الله جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ، افغان سياسي جماعتن ۾ امن معاهدا ٿيا، پر مجاهدين ۽ ڪميونسٽ جي ڪمانڊرن پاران طاقت جي رساڪشي سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال جنم ورتو، ۽ انهي جو فائدو وٺندي عالمي ملڪن؛ پاڪستان، سعودي عرب، ايران ۽ ازبڪستان پنهنجي پروڪسيز کي مدد ڪرڻ شروع ڪيو.