گلشن ضلعو
سنڌ جو ضلعو / From Wikipedia, the free encyclopedia
گلشن ضلعو (اڳوڻو ڪراچي اوڀر ضلعو) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو ھڪ ضلعو جيڪو سنڌ جي گادي جي ھنڌ ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ميٽروپوليٽن شھر ڪراچي جي وچ واري ضلعي ناظم آباد (ڪراچي سينٽرل) جي اوڀر ۾ واقع آهي. ان کي اڪثر ڪراچي ايسٽ سڏيو ويندو ھو. ڪراچي شھر پھرين ھڪ ضلعي تي مشتمل ھيو 1987ع م ان کي چئن ضلعن ڪراچي سائوٿ، ڪراچي سينٽرل، ڪراچي ايسٽ ۽ ڪراچي ويسٽ ۾ ورھايو ويو. ھن ضلعي جي تعلقن کي سب ڊويزن جو درجو مليل آهي. ضلعي م ھن وقت چار سب ڊويزنون يا تعلقا ۽ ھڪ ڪنٽونمينٽ واقع آھن. جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:
گلشن ضلعو (اڳوڻو ڪراچي اوڀر ضلعو) | |
---|---|
ضلعو | |
گلشن ڊسٽرڪٽ | |
گلشن ضلعو ۽ ان جا تعلقا | |
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°53′N 67°05′E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | ڪراچي ڊويزن |
ڪراچي اوڀر جا تعلقا | *گلشن اقبال سب ڊويزن (اڳوڻو:گلشن ٽائون)
|
ضلعي جو قيام: پرويز مشرف واري شھري حڪومتي نظام جي خاتمي بعد ضلعي جو ٻيھر قيام: |
1987ع (2001 ۾ شھري حڪومتي نظام ذريعي خاتمو) 2013ع |
پکيڙ | |
• ڪل | 165 ڪ.م2 (64 ميل2) |
آبادي ([1]2017) | |
• ڪل | 29,09,921 |
سال 2000ع ۾ ھن ضلعي کي ڪراچي جي ٻين ضلعن سميت ختم ڪري سٽي گورنمينٽ جي ٽائونن ۾ تبديل ڪيو ويو ھو ۽ ان وقت ھن ضلعي کي چئن ٽائون ۾ ورھايو ويو هو جن ۾ گلشن ٽائون، ڪورنگي ٽائون، لانڍي ٽائون ۽ شاھ فيصل ٽائون شامل ھيا. 11 جنوري 2011 تي سنڌ حڪومت ھن ضلعي کي ٻيھر بحال ڪيو.[2] نومبر 2013ع ۾ ھن ضلعي جون ٽي سب ڊويزنون: ڪورنگي سب ڊويزن، شاھ فيصل سب ڊويزن ۽ لانڍي سب ڊويزن ھن ضلعي کان ڌار ڪري ھڪ نئون ضلعو ڪورنگي قائم ڪيو ويو. ڪراچي ڏکڻ ضلعي مان جمشيد ڪوارٽرز ڌار ڪري ھن ضلعي ۾ ملايو ويو .[3][4]