انگور
From Wikipedia, the free encyclopedia
انگور هڪ ٻوٽي ۽ انجي ميوي جو نالو آهي. هي ٻوٽو ويڙهي جي صورت ۾ وڌندو آهي ۽ هن جو ميوو ڇينگن جي صورت ۾ هوندو آهي. هڪ ڇينگي ۾ 6 کان 300 انگور جا داڻا ٿي سگھن ٿا. انهن کي هن حالت ۾ به کائي سگھجي ٿو يا وري هن مان شربت، جيلي، شراب ۽ ٻجن مان تيل به ٺاهي سگھجي ٿو. انگور جڏهن سڪي ويندو آهي ته ان مان ڪشمش ٺاهي ويندي آهي. پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواه جي ضلعي چترال جي وادي ڪالاش ۾ انگور مان ديسي شراب به ٺاهيو ويندو آهي.
هڪ قسم جو ميوو، جيڪو انگورن جي ول ۾ ٿيندو آهي. اِن جا داڻا کجور جيترا يا کجور کان ننڍا ٿين. هي ميوو جابلو ايراضيءَ ۾ ٿيندو آهي. هن جي پوک -بلوچستان- ۽ -پاڪستان- جي اُتر واري علائقي ۾ ٿيندي آهي، -جتي- قديم دور کان ٿيندي اچي ٿي. -تازي- ميوي کي ”-انگور-“ سڏين ۽ سڪل انگورن کي ”مُنقا“ ۽ ”ڪشمش“ چئبو آهي. -انگور- دل، دماغ، جگر ۽ بڪين کي طاقت پهچائين ٿا. -انساني جسم- ۾ حرارت عزيزي پيدا ڪندڙ آهن. قدرت هنن ۾ پوٽاشيم، ڪئلشيم، فاسفورس جي لوڻياٺ کان سواءِ وٽئمن اي، بي، ڊي به شامل ڪيا آهن. انگورن مان بهترين شراب ٺهندو آهي. قرآن شريف ۾ به انگورن جو ذڪر آيو آهي. نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم -جن- به انگورن کي پسند ڪيو آهي. انگورن جا ڪيترائي قسم آهن، -جن- مان شنڊوخاني (سُندرخاني)، حسيني، وڏو -تور-، مسقط مشهور آهن.
انگور جا ڪيترائي قسم آهن جي هندستان ۾ ٿين ٿا. ڪي ته تمام وڏي قد جا ٿيندا آهن. انگور کي سنڌيءَ ۾ ڊاک چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ گريپس. جدا جدا هنڌن ۾ انگور جي قسمن جا جدا جدا نالا آهن. ڪشمير ۾ ڪشمش، منسک، مسڪا مکيه آهن. اورنگ آباد جي حبشي انگور تمام مشهور آهي، جا ڪاري رنگ جي ۽ وڏي قد جي آهي ۽ لنڊن جي بازارين تائين وڪامڻ ويندي آهي. يورپ جون خاص ڊاکون به هن ملڪ ۾ ٿينديون آهن، جهڙوڪ سونهري ڊاک، مسقطي ڊاک، فرينچ ڊاک وغيره. ڪابل جي انگور به مشهور آهي- وڏي توڙي ننڍي _ بيداڻي ڊاک، جنهن کي ڪشمش چوندا آهن سا ڪابل ۾ به ۽ پنجاب ۾ به ججهي ٿي ٿئي. لاهور ۾ ته سورهن قسمن جون ولايتي ڊاکون ٿين ٿيون. ڊاک جا مَنَهه ٺاهيندا آهن جنهن تي ڊاک جو وڻ، جو ول وانگي ٿئي ٿو سو ٽيڪ ڏئي بيهندو، چڙهندو ۽ پکڙندو آهي ۽ جنهن مان ميوي جا ڇڳا لڙڪائيندو آهي. منهه يا ٽيڪ ٺاهڻ جو چڱو رستو آهي هي: اتر ۽ ڏکڻ ڏي هڪڙو رستو ڏهه ٻارهن فوٽ ويڪرو ٺاهي وڃجي. پاسي کان سرن جا پيلپاوا، ستن اٺن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي ٺهرائجن، جي پندرهن انچ چورس هجن ۽ ست فوٽ مٿي هجن. پيلپاون جي وچ ۾، چيريل بانس جي ڄاريءَ واري ڀت يا پڃرو ڏئي ڇڏجي. آمهون سامهون ٻن ٻن پيلپاون جي مٿان ڪام جهڙي ڪاٺي، يا ٿلهي بانس جي لٺ رکي وڃجي. پيلپاون جي وچ ۾ هڪڙو ڊاک جو وڻ پوکي وڃجي. ڪي ڪي ماڻهو ته پيلپاون جي بدران، لوهه جا بمبو تار جي بمبن جهڙا ۽ بانس جي بدران، لوهه جون تارون ڪم آڻيندا آهن. اهڙي قسم جو منهه باغ جي لاءِ هڪڙي سونهن آهي ۽ نه رڳو ڊاک لاءِ چڱو آهي پر سج جي تابش مهل ڇانو ۾ گهمڻ، يا پسار ڪرڻ لاءِ به چڱو آهي. تنهن کانسواءِ وڻن جون ڪونڊيون جن کي ڇانو جي گهرج ٿي ٿئي، سي به انهيءَ منهه هيٺ رکي سگهجن ٿيون. ڊآک کي ڪچيءَ کان آسانيءَ سان ڪاٺين تي چاڙهي سگهجي ٿو، جنهنڪري مٿي چڙهي ٿيون وڃن. پاڙ مان جيڪي به شاخون نڪرن، تن کي چاڙهيندو وڃجي. جي ضرور پوي ته پهرين ڌاڳي سان ٻڌي اٽڪائي ڇڏجي. هيٺان جيڪي پن ٻوٽآ ٿين سي ڇانگ جي موسم ۾ ڇانگي ڇڏجن. اهڙيءَ ريت ڪرڻ سان سڀڪا ٽاري مارچ مهيني ۾، ٻه يا ٽي ڇڳا ڊاک جا جهليندي. اهي ٽاريون وينديون وڌنديون ۽ ڊگهيون ٿينديون، جيسين ڪ سيارو اچي. پوءِ انهن کي وڍي رڳو ٻن اکين سان کڻي ڇڏجي ۽ جيڪي سنهڙيون ڪچيون ڪاٺيون هجن، سي به وڍي ڇڏجن. تڏهن ڊاک بلڪل اگهاڙي ڏسڻ ۾ ايندي. ايندڙ مارچ ۾ انهن ڇڏيلن ٻن اکين مان، گوشن وانگي ننڍيون شاخون نڪرنديون، جي ڊاک جا ڇڳا جهلينديون. سياري ۾ وري ڇانگي انهن کي به آڻي ٻن اکين تي بيهارجي. انهيءَ طرح سال بسال ڪندو رهجي. سچ آهي ته جيڪڏهن ٽارين جي اها ڇانگ نه ڪبي، ته سڀني ٽارين مان ڊاک جا ڇڳاپيدا ٿيندا جنهنڪري ظاهري طرح ميوو ججهو ٿيندو، مگر ضعيف ۽ سادو ٿيندو، وڻ ٿڪجي پوندو ۽ نستو ٿيندو. ٿورن ئي ورهين ۾ اهي وڻ جهنگ ڪري خراب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪنهن ڪم جا ڪين ٿا ٿين. ڊاک جي پوک اهڙي ٿي ٿئي جهڙي شفتالوءَ جي. آڪٽوبر جي پڇاڙيءَ ۾، مينهن بس ٿيڻ کانپوءِ پاڙن جي مٽي کوٽي، ڪڍي، انهيءَ کي مهينو ٻه کليل ڇڏي ڏجي. ايتري ۾ پن به ڇڻي ويندا، پوءِ وڻن جي ڇانگ ڪجي. فيبروريءَ ۾ وري جڏهن وڻ پن ۽ گونچ ڪڍن، تڏهن پاڙن جي مٿان ڪنهن به قسم جو عمدو ڀاڻ وجهي ڇڏجي. پراڻو ڳائو ڀاڻ شايد تمام چڱو آهي. ڪن انگور هڪ ٻوٽي ۽ انجي ميوي جو نالو آهي. هي ٻوٽو ويڙهي جي صورت ۾ وڌندو آهي ۽ هن جو ميوو ڇينگن جي صورت ۾ هوندو آهي. هڪ ڇينگي ۾ 6 کان 300 انگور جا داڻا ٿي سگھن ٿا. انهن کي هن حالت ۾ به کائي سگھجي ٿو يا وري هن مان شربت، جيلي، شراب ۽ ٻجن مان تيل به ٺاهي سگھجي ٿو. انگور جڏهن سڪي ويندو آهي ته ان مان ڪشمش ٺاهي ويندي آهي. پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواه جي ضلعي چترال جي وادي ڪالاش ۾ انگور مان ديسي شراب به ٺاهيو ويندو آهي.
هڪ قسم جو ميوو، جيڪو انگورن جي ول ۾ ٿيندو آهي. اِن جا داڻا کجور جيترا يا کجور کان ننڍا ٿين. هي ميوو جابلو ايراضيءَ ۾ ٿيندو آهي. هن جي پوک -بلوچستان- ۽ -پاڪستان- جي اُتر واري علائقي ۾ ٿيندي آهي، -جتي- قديم دور کان ٿيندي اچي ٿي. -تازي- ميوي کي ”-انگور-“ سڏين ۽ سڪل انگورن کي ”مُنقا“ ۽ ”ڪشمش“ چئبو آهي. -انگور- دل، دماغ، جگر ۽ بڪين کي طاقت پهچائين ٿا. -انساني جسم- ۾ حرارت عزيزي پيدا ڪندڙ آهن. قدرت هنن ۾ پوٽاشيم، ڪئلشيم، فاسفورس جي لوڻياٺ کان سواءِ وٽئمن اي، بي، ڊي به شامل ڪيا آهن. انگورن مان بهترين شراب ٺهندو آهي. قرآن شريف ۾ به انگورن جو ذڪر آيو آهي. نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم -جن- به انگورن کي پسند ڪيو آهي. انگورن جا ڪيترائي قسم آهن، -جن- مان شنڊوخاني (سُندرخاني)، حسيني، وڏو -تور-، مسقط مشهور آهن. [1] انگور جا ڪيترائي قسم آهن جي هندستان ۾ ٿين ٿا. ڪي ته تمام وڏي قد جا ٿيندا آهن. انگور کي سنڌيءَ ۾ ڊاک چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ گريپس. جدا جدا هنڌن ۾ انگور جي قسمن جا جدا جدا نالا آهن. ڪشمير ۾ ڪشمش، منسک، مسڪا مکيه آهن. اورنگ آباد جي حبشي انگور تمام مشهور آهي، جا ڪاري رنگ جي ۽ وڏي قد جي آهي ۽ لنڊن جي بازارين تائين وڪامڻ ويندي آهي. يورپ جون خاص ڊاکون به هن ملڪ ۾ ٿينديون آهن، جهڙوڪ سونهري ڊاک، مسقطي ڊاک، فرينچ ڊاک وغيره. ڪابل جي انگور به مشهور آهي- وڏي توڙي ننڍي _ بيداڻي ڊاک، جنهن کي ڪشمش چوندا آهن سا ڪابل ۾ به ۽ پنجاب ۾ به ججهي ٿي ٿئي. لاهور ۾ ته سورهن قسمن جون ولايتي ڊاکون ٿين ٿيون. ڊاک جا مَنَهه ٺاهيندا آهن جنهن تي ڊاک جو وڻ، جو ول وانگي ٿئي ٿو سو ٽيڪ ڏئي بيهندو، چڙهندو ۽ پکڙندو آهي ۽ جنهن مان ميوي جا ڇڳا لڙڪائيندو آهي. منهه يا ٽيڪ ٺاهڻ جو چڱو رستو آهي هي: اتر ۽ ڏکڻ ڏي هڪڙو رستو ڏهه ٻارهن فوٽ ويڪرو ٺاهي وڃجي. پاسي کان سرن جا پيلپاوا، ستن اٺن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي ٺهرائجن، جي پندرهن انچ چورس هجن ۽ ست فوٽ مٿي هجن. پيلپاون جي وچ ۾، چيريل بانس جي ڄاريءَ واري ڀت يا پڃرو ڏئي ڇڏجي. آمهون سامهون ٻن ٻن پيلپاون جي مٿان ڪام جهڙي ڪاٺي، يا ٿلهي بانس جي لٺ رکي وڃجي. پيلپاون جي وچ ۾ هڪڙو ڊاک جو وڻ پوکي وڃجي. ڪي ڪي ماڻهو ته پيلپاون جي بدران، لوهه جا بمبو تار جي بمبن جهڙا ۽ بانس جي بدران، لوهه جون تارون ڪم آڻيندا آهن. اهڙي قسم جو منهه باغ جي لاءِ هڪڙي سونهن آهي ۽ نه رڳو ڊاک لاءِ چڱو آهي پر سج جي تابش مهل ڇانو ۾ گهمڻ، يا پسار ڪرڻ لاءِ به چڱو آهي. تنهن کانسواءِ وڻن جون ڪونڊيون جن کي ڇانو جي گهرج ٿي ٿئي، سي به انهيءَ منهه هيٺ رکي سگهجن ٿيون.[2] ڊآک کي ڪچيءَ کان آسانيءَ سان ڪاٺين تي چاڙهي سگهجي ٿو، جنهنڪري مٿي چڙهي ٿيون وڃن. پاڙ مان جيڪي به شاخون نڪرن، تن کي چاڙهيندو وڃجي. جي ضرور پوي ته پهرين ڌاڳي سان ٻڌي اٽڪائي ڇڏجي. هيٺان جيڪي پن ٻوٽآ ٿين سي ڇانگ جي موسم ۾ ڇانگي ڇڏجن. اهڙيءَ ريت ڪرڻ سان سڀڪا ٽاري مارچ مهيني ۾، ٻه يا ٽي ڇڳا ڊاک جا جهليندي. اهي ٽاريون وينديون وڌنديون ۽ ڊگهيون ٿينديون، جيسين ڪ سيارو اچي. پوءِ انهن کي وڍي رڳو ٻن اکين سان کڻي ڇڏجي ۽ جيڪي سنهڙيون ڪچيون ڪاٺيون هجن، سي به وڍي ڇڏجن. تڏهن ڊاک بلڪل اگهاڙي ڏسڻ ۾ ايندي. ايندڙ مارچ ۾ انهن ڇڏيلن ٻن اکين مان، گوشن وانگي ننڍيون شاخون نڪرنديون، جي ڊاک جا ڇڳا جهلينديون. سياري ۾ وري ڇانگي انهن کي به آڻي ٻن اکين تي بيهارجي. انهيءَ طرح سال بسال ڪندو رهجي. سچ آهي ته جيڪڏهن ٽارين جي اها ڇانگ نه ڪبي، ته سڀني ٽارين مان ڊاک جا ڇڳاپيدا ٿيندا جنهنڪري ظاهري طرح ميوو ججهو ٿيندو، مگر ضعيف ۽ سادو ٿيندو، وڻ ٿڪجي پوندو ۽ نستو ٿيندو. ٿورن ئي ورهين ۾ اهي وڻ جهنگ ڪري خراب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪنهن ڪم جا ڪين ٿا ٿين.[2]